Book Name:Shan-e-Bilal-e-Habshi

استقامت جو هڪ ٻيو واقعو ٻڌون ٿيون: جيئن

اسلام جا حقيقي آئينه دار

   حضرت سيدنا عمر بن عاصرَضِىَ اللهُ عَنْهُ فرمائن ٿا: هڪ ڏينهن مان حضرت سيدنا بلال حبشي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ وٽان گذريس ته سندن کي تپيل زمين تي لٽائي سزا ڏني پئي وئي (گرمي جي شدت ايتري هئي جو) جيڪڏهن هن زمين تي گوشت جو ٽڪرو رکيو وڃي ها ته اهو به پچي وڃي ها، ان حال ۾ به سندن زبان مبارڪ تي اهي الفاظ جاري هئا: مان لات ۽ عزّٰي(يعني بتن) جي خدائي کي نه ٿو مڃان. اهو ٻڌي بدبخت اميّه بن خلف سندن سزا ۾ اڃان اضافو ڪري ڇڏيو ۽ سندن ڳلي کي ايتري زور سان دٻايو جو پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه بي هوش ٿي ويا۔ (سبل الھدی والرشاد،جماع ابواب بعض الامور۔۔الخ،الباب الخامس عشر فی عدوان المشرکین۔۔ الخ،۲/۳۵۷)

ايمان تي استقامت:

اهو به منقول آهي ته حضرت بلالِ حبشي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کي دينِ اسلام کان ڦيرڻ لاءِ ڪڏهن ڪڏهن غير مسلم پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کي ٻڌي ڪري ٻارن جي حوالي ڪري ڇڏيندا ها جيڪي سندس کي مڪي پاڪ جي گهٽين چوڪن ۾ گِهليندا وتندا ها، پر ان جي باوجود کين جي زبان تي”اَحَد، اَحَد“ يعني الله هڪ آهي، الله هڪ آهي، جاري رهندو هو. (مصنف لابن  ابی شیبۃ،کتاب الفضائل،باب فی بلال وفضلہ، ۷/۵۳۷، حدیث:۱،ملتقطا)  

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ٻڌو اوهان ته حضرتِ بلال حبشيرَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ دين اسلام سان ڪيتري نه محبت ڪندا هئا، دينِ اسلام جي سربلندي جي لاءِ پنهنجي جان به قربان ڪرڻ جي لاءِ تيار هئا، سندن جي زندگي جو اصلي مقصد اهو ئي هو، پاڻ پنهنجي ڪردار سان رهندي دنيا تائين جي مسلمانن کي اهو ٻڌائي ڇڏيو ته هڪ مسلمان کي دينِ اسلام ۽ پنهنجي آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان ڪيتري محبت هجڻ گهرجي. پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ پنهنجي خواهشات، مال ۽ متاع، اولاد ۽ قريبي رشتيدارن ايستائين جو پنهنجي جان کان به وڌيڪ الله ڪريم ۽ ان جي حبيب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان محبت ڪيائون ۽ ان محبت کي هميشه پنهنجي دل ۾ آباد ڪيائون، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو سندس جي عمل سان خوش ٿي ڪري رسولِ خدا، مڪي