Book Name:Shan-e-Bilal-e-Habshi

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

٭ نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندَس ٭ ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندَس ٭ ضرورت پوڻ تي ٻين اسلامي ڀينرن جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندَس ٭ ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندَس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندَس ٭ صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ واريءَ جي دِل جوئي جي لاءِ آهسته آواز سان جواب ڏيندَس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندَس۔دوران بيان موبائل جي غيرضروري استعمال کان بچندَس،نه بيان ريڪارڊ ڪندَس نه ئي ٻئي ڪنهن قسم جو آواز ڇو ته ان جي اجازت ناهي،جيڪو ڪجهه ٻُدَندَس،ان کي ٻڌي ۽ سمجهي ڪري ان تي عمل ڪرڻ ۽ ان کي بعد ۾ ٻين تائين پهچائي نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪندَس.

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                                           صَلَّی اللّٰہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد

      پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! هونئن ته سڀني صحابهءِ ڪرام عَلَیْہِمُ الرِّضْوَان جا پنهنجا پنهنجا درجا آهن پر انهن مقدس هستين مان حضرت سيدنا بلال حبشي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُکي خاص مقام ۽ مرتبو حاصل آهي، سندن دينِ اسلام جي خاطر تمام گهڻيون تڪليفون برداش ڪيون. خوفِ خدا هجي يا عشقِ رسول، تقوٰي ۽ پرهيزگاري هجي يا عبادت ۽ رياضت، ڪرامت ۽ شرافت هجي يا استقامت، عاجزي ۽ انڪساري هجي يا حسنِ اخلاق، پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي ذات ۾ هنن سمورين خوبين جي جهلڪ نظر ايندي هئي، سندن مقام ۽ مرتبو هي آهي ته غلامن کي سيني سان لڳائڻ واري اسان جي پياري پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم وقت به وقت پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جا فضائل بيان فرمايا. اڄوڪي بيان ۾ اسان کين تذڪرو، مختصر تعارف، فضائل خاص ڪري سندن ايمان تي استقامت ۽ عشقِ رسول جا واقعات ٻڌنديون سين اي ڪاش! اسان کي سڄو بيان سٺين سٺين