Book Name:Shan-e-Bilal-e-Habshi

ب الطھارۃ ،باب ذکر المستحب عقب الوضوء،ص ۱۱۸، حدیث:۵۵۳)

  3. ارشاد فرمايائون: جنهن سٺي طريقي سان وضو ڪيو پوءِ اٿي ٻه يا چار رڪعتون پڙهيائين ۽ ان جا رڪوع ۽ سجود، خشوع سان ادا ڪيا پوءِ الله ڪريم سان مغفرت طلب ڪيائين ته رب ڪريم ان جي مغفرت فرمائي ڇڏيندو. (مسند احمد ، بقیۃ حدیث ابی دَرْدَاء ، ۱۰/۴۳۰ ، حدیث: ۲۷۶۱۶)

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                        صَلَّی اللّٰہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد

بلالِ حبشيءَ جو عشقِ رسول

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! حضرت سيدنا بلالِ حبشي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جا پاڪيزه وصف ايتري قدر آهن جو ٿورڙو وقت ان اوصافن کي بيان ڪرڻ جي لاءِ ناڪافي آهي، پر سندن جو هڪ وصف بي مثل ۽ بي مثال آهي ۽ اهو آهي عشقِ رسول، هونئن ته عشقِ رسول، تمام صحابه ڪرام عليهم الرضوان جي دلين جي ڌڙڪن هو، سيدنا بلالِ حبشي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ پنهنجي آقا جي محبت ۽ غلاميءَ ۾ ائين گم رهندا هئا جو انهن کي دنيا جي ڪنهن به شيءِ سان ڪو مطلب نه هوندو هو. هو سڀ ڪجهه برداش ڪري سگهندا هئا، پر انهن کي ڪڏهن اهو پسند نه هو جو ڪو سندن آقا جي مبارڪ شان ۾ ٿوري به بي ادبي ڪري، انهيءَ عشقِ ڪامل جي ڪري سيدنا بلالِ حبشي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کي دنيا ۽ آخرت ۾ اهڙو مقام ۽ مرتبو ۽ عزت ملي جو انهن جي قسمت تي رشڪ اچي ٿو، هي انهن جي عشق جو ڪمال هو جو مشڪل کان مشڪل وقت ۾ به رسول الله سان ملڻ جو شوق انهن کي تڙپائيندو رهندو هو، ايتري تائين جو ساهه نڪرڻ وقت به سيدنا بلالِ حبشي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کي پنهنجي محبوب سان ملڻ جي خوشي هئي، اچو! پنهنجي دلين ۾ عشقِ رسول کي وڌائڻ جي نيت سان سيدنا بلالِ حبشي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي عشقِ رسول جو اهڙو ئي هڪ واقعو ٻڌون ٿيون: جيئن

حضور سان ملڻ جي خوشي

جڏهن مؤذنِ رَسولُ الله سيدنا بلالِ حبشي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ تي نزع جو عالم طاري ٿيو ته انهن جي گهرواريءَ بيقرار ٿي هي چيو: ”وَاحُزنَاہُ“ هاءِ مون تي