Book Name:Shan-e-Bilal-e-Habshi

نيتن سان ٻڌڻ نصيب ٿي وڃي. اچو! سڀ کان پهريان حضرت سيدنا بلال حبشي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو هڪ واقعو ٻڌون ٿيون: جيئن

حضرت سيّدنا بلال جي آزادي

      حضرت سَيدنا عُروه بن زُبير رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ پنهنجي والد کان روايت ڪن ٿا ته هڪ ڏينهن ورقه بن نوفل (جيڪي امّ المومنين حضرت خديجه رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا جا سئوٽ هئا) جو گذر حضرت سيدنا بلال حبشي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ وٽان ٿيو جڏهن ته انهن کي (اسلام آڻڻ جي ڪري) ماريو پئي ويو ۽ اهڙي حالت ۾ به پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ ”اَحَدۡ،اَحَدۡ“ يعني الله هڪ آهي، الله هڪ آهي جي صدا لڳائي رهيا هئا. ورقه بن نوفل ڏٺو ته چيائين: بلال! الله ئي جو نالو وٺندا رهو، پوءِ اميّه بن خلف جيڪو حضرت سيدنا بلال حبشي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کي ماري رهيو هو، ان جي طرف متوجهه ٿي چيائين: الله جو قسم! جيڪڏهن توهان انهن کي هن ڳالهه تي شهيد ڪري ڇڏيندؤ ته مان رحمت ۽ برڪت حاصل ڪرڻ جي لاءِ (هن جي) مزار بڻائيندس.

   هڪ ڀيري اميرالمومنين حضرت سيدنا ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ  جو گذر حضرت سيدنا بلال حبشي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ وٽان ٿيو اهي ماڻهو حضرت سيدنا بلال حبشي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ سان اهو ئي ورتاءُ ڪري رهيا هئا ته حضرت سيدنا ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ اميّه بن خلف کي فرمايو: هن ويچاري جي معاملي ۾ تون الله کان نٿو ڊڄين. ڪيسيتائين هن کي تڪليف ڏيندو رهندين؟ اميّه چيو: اوهان هن کي بگاڙيو آهي، اوهان هن کي هن جي تڪليف کان بچايو جيڪا اوهان ڏسي رهيا آهيو ته اميرالمومنين حضرت سيدنا ابوبڪرصديق رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمايو: مون وٽ بلال کان وڌيڪ تندرست غلام آهي، بلال مون کي ڏيو ۽ اهو توهان وٺو. چوڻ لڳو: منظور آهي ته حضرت سيدنا ابوبڪر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ اميه کي پنهنجو غلام ڏئي ڇڏيو ۽ حضرت سيدنا بلال حبشي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کي خريد ڪري ورتو ۽ ان کي آزاد ڪري ڇڏيائون۔ (حلیۃ الاولیاء،بلال  بن رباح ، ۱/۱۹۹، رقم: ۴۸۶)

صَـلُّوا عَلَى الْـحَـبِيْب                                                                                                                            صَـلَّى الـلّٰـهُ تَـعَـالٰى عَـلٰى مُـحَـمَّد