Book Name:Shan-e-Bilal-e-Habshi

عمر بن عبدالعزيز رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: الله پاڪ جي نعمتن کي شڪر جي ذريعي محفوظ ڪري وٺو. (حلیۃ الاولیا،۵/۳۷۴،حدیث: ۷۴۵۵)٭  امام محمد بن محمد غزالي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: دل جو شڪر اهو آهي ته نعمت سان خير ۽ نيڪي جو ارادو ڪيو وڃي. زبان جو شڪر اهو آهي ته ان نعمت تي الله پاڪ جي حمد ۽ ثناء بيان ڪئي وڃي. ٭ باقي اعضاء جو شڪر اهو آهي ته الله پاڪ جي نعمتن کي الله پاڪ جي عبادت ۾ خرچ ڪيو وڃي ۽ انهن نعمتن کي الله پاڪ جي معصيت ۾ صرف ٿيڻ کان بچايو وڃي. ٭ اکين جو شڪر اهو آهي ته  ڪنهن مسلمان جو عيب ڏسي ته ان تي پردو وجهي. (احیاء العلوم ،کتاب الصبروالشکر،الرکن الاول فی نفس الشکر ،بیان فضیلۃ الشکر،۴/۱۰۳، ملخصاً)

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                                           صَلَّی اللّٰہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد

ايندڙ هفتيواراجتماع جي بيان جون جھلڪيون

          پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اِنْ شَآءَ الله!     آئنده هفتيوار سنتن ڀري اِجتماع جو موضوع هوندو: ”خوش قسمت ڪير؟“. يقيناً اڄ هرهڪ خوش قسمتي جا پنهنجا پنهنجا طريقا ٺاهيو ويٺو آهي. پر حقيقي خوش قسمتي ڇا آهي حقيقت ۾ خوش قسمت ڪير آهي. ايندڙ بيان ۾ ان جي متعلق ڪجھ ڳالهيون بيان ڪيون وينديون. لهٰذا! آئنده اربع به اجتماع ۾ حاضري جي نيت ڪريو، نه صرف پاڻ اچڻ جي بلڪ اِنفرادي ڪوشش ڪري ٻين کي به گڏ آڻڻ جي نيت ڪريو ۽ هٿ کڻي چئو: اِنْ شَآءَ الله

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                        صَلَّی اللّٰہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد