Book Name:Fazilat ka Miyar Taqwa hay

فرمائن ٿا: هن حڪمِ خُداوندي جو مقصد هي آهي ته ڪنهن کي حقير نه سمجھو، ٿي سگھي ٿو ته هو الله عَزَّوَجَلَّ وٽ توهان کان بهتر، افضل ۽ وڌيڪ مقرَّب هجي۔ (الزواجر،الباب الثاني:في الڪبائر الظاهرة ،الڪبيرة الثامنة …الخ، ۲ /۱۱)

شيخُ الحديث حضرت علامه عبدالمصطفٰي اعظمي رَحْمَة اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه فرمائن ٿا: هن زماني ۾ جيڪو فاسقاڻو ۽ بلڪل مجرماڻو رواج نڪتو آهي جو ”سيّد“ ۽ ”شيخ“ ۽ ”پٺاڻ“ چورائڻ وارن جو اهو دستور بڻجي ويو آهي جو اهي دُهنيا (ڪپھ پڃڻ وارو)، جولاها (ڪپڙو انڻ وارو)، قصائي، نائي چئي مخلص ۽ متقي مسلمانن تي ٺٺول يا مذاق ٺاهيندا آهن بلڪ انهن قومن جي عالمن کي صرف انهن جي قوميت جي ڪري ذليل ۽ حقير سمجھندا آهن بلڪ پنهنجي مجلسن ۾ انهن جو مذاق ٺاهي کلندا کلائيندا آهن، حد ٿي وئي آهي جيڪي ماڻهو سالن تائين انهن قومن جي عالمن جي سامهون ويهي شاگردي اختيار ڪري پاڻ عالم ۽ شيخ طريقت ٺهيا آهن، پر پوءِ به پنهنجي استادن کي حقير ۽ ذليل سمجھي انهن جو مذاق اڏائيندا آهن ۽ پنهنجي نسب ۽ ذات تي فخر ڪري ٻين جي ذلت ۽ حقارت جو چرچو ڪندا آهن، لله( خدا جي واسطي) ٻڌايو ته قرآن شريف جي روشني ۾ اهي ماڻهو ڪيترا وڏا مجرم آهن؟ (مزيد فرمائن ٿا:) ملاحظه ڪيو ته قرآن شريف جي هيٺ ڏنل احڪام ۽ وعيدون بيان ڪيون آهن: (1) ڪا قوم ڪنهن قوم جو مذاق نه اڏائي ٿي سگھي ٿو ته جنهن جو مذاق اڏائي رهيا آهن اهي مذاق اڏائڻ وارن کان دنيا ۽ آخرت ۾ بهتر هجن۔ (2) مسلمانن جي لاءِ جائز ناهي ته هڪ ٻئي تي ٽوڪ ۽ ٺٺول ڪن۔ (3) مسلمانن تي حرام آهي ته هڪ ٻئي جي لاءِ برا نالا رکن۔ (4) جيڪو ائين ڪندو اهو مسلمان ٿي ”فاسق“ آهي (5) جيڪو پنهنجي انهن حرڪتن کان باز نه ايندو اهو ”ظالم“ آهي۔

حضرت سَيدُنا ابن عباس رَضِیَ الـلّٰـهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمايو: جيڪڏهن ڪو گهنگار مسلمان پنهنجي گناھ کان توبه ڪري ته توبه کان پوءِ ان کي ان گناھ کان عار ڏيارڻ به