Book Name:Buzurgan e Deen Ka jazba e Islah e Ummat

v     بُزُرگانِ دِين جي نيڪي جي دعوت جي انداز کان مُتَاثِّر ٿي سڃا سڃا خاندان مُسَلمان ٿيا ۽ وڏن وڏن گُنهگارن جي اِصلاح ٿي وئي۔

v     اسان جا بُزُرگ سڳورا روئيندي روئيندي نيڪي جي دَعوَت ڏيندا هئا ايستائين جو ڪڏهن ڪڏهن بيهوش به ٿي ويندا هئا۔

v     پَندرھين صَدِي جي عظيم عِلمي ۽ رُوحاني شَخصِيت شَيخِ طَرِيقَت، اَمِيرِ اَهلسُنّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه اُمَّت جي اصلاح جي حوالي سان دِينِ مَتِين جي اها عظيم خِدمت ڪئي جو عالم سڳورن به سندن دِيني خِدمتن جو اِعتِرَاف ڪندا آهن۔

v     نيڪي جي دَعوَت ڏيڻ وارن خُوش نصيبن جي قُرآنِ ڪريم ۾ ساراھ ڪئي وئي آهي۔

v     الله عَزَّوَجَلَّ بُزُرگان دين جي ”اُمّت جي اِصلاحِ واري جذبي“ جي طُفَيل اسان کي به اُمَّت جي اصلاح جو مَدَني جَذبو عطا فرمائي۔

اٰمِيۡن بِجَاهِ النَّبِيِّ الۡاَمِيۡن صَلَّى اللّٰهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِه وَسَلَّم

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو ! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّي اللهُ تَعَالٰي عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. (مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵)