Book Name:Buzurgan e Deen Ka jazba e Islah e Ummat

100 کان وڌيڪ شعبن ۾ مدني ڪم ڪري رهي آهي، انهن مان هڪ شعبو مَجلِس مڪتُوبات و تَعوِيذاتِ عطاريه به آهي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! ڏکويل مسلمانن جو تعويذاتِ عطاريه جي ذَرِيعي في سبيلِ الله عِلاج ڪيو ويندو آهي، ۽ استخارو ڪرڻ جو سلسلو به ٿيندو آهي۔ بِلامُبالغه لکين تعويذاتِ عطاريه ۽ تعزيت ناما، عيادت ناما ۽ تسلّي ناما موڪليا ويا آهن ۽ هڪ اندازي مطابق هي سٽون لکڻ تائين مجلس جي طرفان پاڪستان ۾ روزانو لڳڻ وارا تعويذاتِ عطّاريه جي بستي (اسلامي ڀائرن جا) تقريباً 750، ٻاهرين ملڪ تقريباً 230 مهينوار مريضن جي اوسطاً تعداد 3,35,000 (ٽي لک پنجٽيھ هزار)، ۽ پاڪستان ۾ ڪم وبيش 80 هنڌن تي ”اسلامي ڀينرن“ جا به هفتيوار تعويذاتِ عطاريه جا بستا لڳنداآهن۔ تعويذاتِ عطاريه جي طلب گار اسلامي ڀائرن کي گھرجي ته هو پنهنجي شهر ۾ ٿيڻ واري هفتيوار سنّتن ڀري اجتماع ۽ هر هفتي اجتماعي طور تي ڏسڻ واري مدني مذاڪري ۾ شرڪت ڪيو ۽ تعويذاتِ عطاريه جي بستي تان في سبيلِ الله تعويذ حاصل ڪيو۔

اللہ کرم ایسا کرے تجھ پہ جہاں میں

اے دعوتِ اسلامی تیری دُھوم مچی ہو!

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو!  اسان”بُزرگانِ دِين رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيهمْ اَجْمَعِين جي اُمَّت جي اصلاح جي جذبي“ جا واقعا ٻُڌا:نيڪي جي دعوت ڏيڻ، بُرائي کان منع ڪرڻ، هي نبين جي سُنّت آهي، هي صحابه جو طريقو آهي، هي اوليائن جو طريقو آهي۔

v     اِنفرادي ڪوشش يعني هڪ هڪ کي سمجھائڻ، انهن جي اِصلاح جي ڪوشش ڪرڻ نهايت افضل عمل آهي۔