Book Name:Buzurgan e Deen Ka jazba e Islah e Ummat

 

اِس طرح پھیلے نیکی کی دَعْوَت کہ نیک ہو

ہَر ایک چھوٹا اور بَڑا یا ربِّ مُصْطَفٰے

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! مَعلُوم ٿيو ته نيڪي جي دَعوَت چاهي اِنفِرادي حَيثِيت سان هجي يا اِجتِماعي طور تي، ڏيڻ واري ۽ ٻڌي عَمَل ڪرڻ وارن سڀني کي دِين ۽ دُنيا جون بي شُمار بَرَڪتون ۽ ڀلائيون نصيب ٿينديون آهن، تنهنڪري نيڪين جا حَرِيص بڻجي وڃو، ٻين کي نمازي بڻائڻ جي مُهم تيز کان تيز تر ڪيو، جڏهن به باجَمَاعَت نماز جي لاءِ مسجِد وڃڻ لڳو ته ٻين کي تَرغِيب ڏئي گڏ وٺي وڃو، جنهن کي نماز نٿي اچي انهن کي نماز سيکاريو، جيڪڏهن اسان جي ڪري هڪ به نمازي بڻجي ويو ته جيستائين هو نمازون پڙهندو رهندو ان جي هر هر نماز جو اسان کي به ثوَاب مِلندو رهندو۔ عُمومًا عِشَاء جي نماز کان پوءِ ڪم و بيش 63 مِنَٽ لڳڻ واري دعوتِ اِسلامي جي مَدرَسةُ المدينه (بالِغان) ۾ داخِلا وٺو، ان ۾ پاڻ به قرآنِ ڪريم سکو ۽ ٻين کي به ان جي ترغيب ڏياريو۔ اسان کان سکڻ وارو جڏهن تِلاوت ڪندو ته اسان کي به ان جي تِلاوت جو ثَوَاب ملندو رهندو۔ اسان پاڻ به سُنَّتن تي عَمَل ڪيون ۽ ٻين کي به عَمَل تي آماده ڪيون۔ جيڪڏهن اسان ڪنهن کي هڪ  سُنَّت سيکاري، ته هاڻي هو جڏهن جڏهن ان سُنَّت تي عَمَل ڪندو، اسان کي به ان سُنَّت تي عَمَل ڪرڻ واري جيان ثَوَاب ملندو رهندو اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ۔ مدني دوري ۽ مَدَني قافِلن ۾ سُنَّتن ڀري سَفَر جي ذَرِيعي پنهنجي ۽ ٻين جي اِصلاح جي زور دار مُهم هلائي مُسَلمانن کي ’’نيڪ‘‘ بَنائڻ جي’’مَشِين‘‘ بڻجڻ گھرجي۔

مجلس مڪتوبات وتعويذاتِ عطاريه

       اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! دعوتِ اسلامي مسلمانن جي اصلاح جي لاءِ دِينِ متين جي