Book Name:Ashabe Khaf Ka Waqiya

ڪا اهڙي نشاني ظاهر فرما جنهن سان مخلوق کي مُردن جي اٿڻ ۽ قيامت اچڻ جو يقين حاصل ٿئي۔ انهيء زماني ۾ هڪ شخص پنهنجي ٻڪرين جي آرام جي جڳھ حاصل ڪرڻ جي لاءِ انهيء غار کي چونڊيو (جنهن ۾ اصحابِ ڪهف رَضِى اللّٰه تَعَالٰي عَنْهم موجود ها) پوءِ ان (ڪجھ ماڻهن سان گڏجي) ديوار ڪيرائي ڇڏي۔ ديوار ڪرڻ کان پوءِ ڪجھ اهڙي هيبت طاري ٿي جو ڪيرائڻ وارا ڀڄي ويا۔ اصحابِ ڪهف رَضِى اللّٰه تَعَالٰي عَنْهم الله تعاليٰ جي حڪم سان خوشي خوشي اٿيا، چهرا ترو تازه، طبيعتون خوش ۽ زندگي جي ترو تازگي بدستور برقرار هئي۔ هڪ ٻئي کي سلام ڪيو ۽ نماز جي لاءِ بيهي رهيا۔ (صِراطُ الجِنان،۵/۵۴۲،بتغیر قلیل )

فِتنن کان بچو ۽ ٻين کي به بچايو

سُبْحٰنَ الله عَزَّوَجَلَّ !اوهان ٻڌو ته جيڪو پنهنجي دِين ۽ اِيمان جي حِفاظَت جي لاءِ پنهنجو وطن ڇڏي هجرت ڪندو آهي ته الله تعاليٰ غيب کان ان جي حفاظت جي لاءِ اهڙا اسباب پيدا ڪندو آهي جو عقل حيران رهجي ويندا آهن۔ جيئن ته اصحابِ ڪهف رَضِى اللّٰه تَعَالٰي عَنْهم به پنهنجي دين ۽ اسلام جي حفاظت خاطر ماڻهن کان عليحدگي اختيار ڪندي غار ۾ پناھ ورتي، تنهنڪري الله تعاليٰ غار کي هڪ خاص هيبت ڏئي ان جي حفاظت فرمائي ته ڪو ان تائين وڃي نه پيو سگھيو۔ اسان کي به گھرجي ته فتنن ۽ فتنو ڦهلائڻ وارن کان پري رهندي نيڪ ماڻهن جي صحبت جي صورت ۾ اهڙو ٺِڪاڻو اختيار ڪيون جيڪو فتنن کان حفاظت جو ذريعو هجي۔ نبي ڪريم، رؤفٌ رَّحيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم به اسان کي فتنن کان بچڻ جي لاءِ بهتر ٺڪاڻو اختيار ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ارشاد فرمايو: عنقريب اهڙا فتنا ٿيندا، اِن ۾ ويهي رهڻ وارو، بيٺل کان، بيٺل هلڻ واري کان ۽ هلڻ وارو ڀڄڻ واري کان بهتر هوندو، جيڪو ان ڏانهن جهاتيون پائيندو اهي ان کي ڇڪي وٺندا، ان ڪري جيڪو ڪا پناھ يا ٺڪاڻو ڏسي ته ان جي پناھ ۾ اچي وڃي۔