Book Name:Ashabe Khaf Ka Waqiya

(1) (روزانو) 41 ڀيرا صبح جو يا حَي يا قَيوْمُ لَآ اِلٰه اِلَّآ اَنْتَ  ۔ (اي هميشه زنده رهڻ وارا! اي هميشه قائم رهڻ وارا! ڪو معبود ناهي پر تون۔) اوّل آخِر دُرُود شريف ۽ (2)سمهڻ وَقت پنهنجي سڀني وردن کان پوءِ سُوره ڪافرون روزانو پڙھي وٺو، ان کان پوءِ ڪلام وغيره نه ڪيو وڃي، ها جيڪڏهن ضَرورت هجي ته ڳالهائڻ کان پوءِ وري سُوره ڪافرون تلاوت ڪئي وڃي جو خاتِمو انهيءِ تي ٿئي اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ خاتِمو ايمان تي ٿيندو۔ ۽ (3) ٽي (3) ڀيرا صبح ۽ ٽي (3) ڀيرا شام ان دُعاء جو وِرد رکو: اَللّٰھُمَّ اِنَّانَعُوْذُبِکَ مِنْ اَنْ نُّشْرِکَ بِکَ شَيئًا نَّعلَمُه وَنَستَغْـفِـرُکَ لِمَا لَانَعْلَمُه (” اي الله عَزَّوَجَلَّ! اسان تنهنجي پناهه گهرون ٿا ان ڳالهه کان جو ڄاڻي واڻي ڪنهن کي تنهنجو شريڪ بڻايون ۽ اسان تو کان ان (شرڪ) جي بخشش گهرون ٿا جنهن کي اسان نه ٿا ڄاڻيون. “)([1])(4) بِسْمِ اللّٰه عَلٰي دِينِيۡ بِسْمِ اللّٰهِ عَلٰي نَفْسِيۡ وَوُلْدِيۡ وَ اَھْلِيۡ وَمَالِيۡ۔ (الله تعاليٰ جي نالي جي برڪت سان منهنجي دين، جان، اولاد، گهروارن ۽ مال جي حفاظت ٿئي.) صبح ۽ شام 3،3 ڀيرا پڙھي، دين، ايمان، جان، مال، ٻار سڀ محفوظ رهندا۔([2]) (اڌ رات ٿيڻ کان وٺي سج جي پهرين ڪِرڻي چمڪڻ تائين صبح آهي ۽ ظهر جي وقت شروع ٿيڻ کان وٺي سج لهڻ تائين شام چورائيندي آهي)

مٺامٺا اسلامي ڀائرو!اسان کي گھرجي ته ايمان جي حفاظت جي لاءِ اهڙي بُري صحبت کان بچون، جنهن سان ايمان جي بربادي جو انديشو هجي۔

دعوتِ اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبةُ المدينه جي شايع ٿيل تفسير ”صِراطُ الجِنان“ ۾ آهي: نيڪن ۽ نيڪين سان محبت ايمان جي نشاني آهي،جڏهن ته بُرن ۽ بُرائين سان  محبت ايمان جي ڪمزوري جي نشاني آهي، تنهنڪري هر شخص کي گھرجي ته اهو پنهنجي ايماني قوّت کي پنهنجي قلبي مَيلان مان معلوم



[1]الملفوظ حصہ ۲ ص۲۳۴ حامد اینڈ کمپنی مرکز الاولیاء لاہور

[2]شجرہ قادِریہ رضویہ ص۱۲ مکتبۃ المدینہ بابُ المدینہ کراچی