Book Name:Ashabe Khaf Ka Waqiya

 

اَمۡ حَسِبۡتَ اَنَّ اَصۡحٰبَ الۡکَہۡفِ وَ الرَّ قِیۡمِ ۙ کَانُوۡا مِنۡ اٰیٰتِنَا عَجَبًا ﴿۹﴾ اِذۡ اَوَی الۡفِتۡیَۃُ اِلَی الۡکَہۡفِ فَقَالُوۡا رَبَّنَاۤ اٰتِنَا مِنۡ لَّدُنۡکَ رَحۡمَۃً وَّ ہَیِّیٔۡ لَنَا مِنۡ اَمۡـرِنَا رَشَدًا ﴿۱۰﴾

(پ۱۵،الڪھف:۱۰-۹)

 

 

 

ترجموڪنزالايمان: ڇا توکي خبر آهي غار ۽ جھنگ جي ڪناري وارا اسان جي هڪ عجيب نشاني هئا جڏهن انهن نوجوانن غار ۾ پناھ ورتي پوءِ عرض ڪيائون اي اسان جا رب اسان کي پاڻ وٽان رحمت ڏي ۽ اسان جي ڪم کي اسان جي واسطي منزل ملڻ جو سامان ڪر.

دعوتِ اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبةُ المدينه جي شايع ٿيل تفسير ”صِراطُ الجِنان “ ۾ هن آيتِ مُبارَڪه جي تحت لکيو ويو آهي ته هتان اَصحاب ڪهف (رَضِى اللّٰه تَعَالٰي عَنْهم) جو واقعو شروع ٿئي ٿو ۽ ان کي الله عَزَّ وَجَلَّ پنهنجي عجيب و غريب نشانين مان هڪ نشاني قرار ڏنو، ڇوته هن واقعي ۾ ڪافي نصيحتون ۽ حڪمتون آهن۔([1]) انهيء آيتِ مقدّسه ۾ موجود لفظِ رَقِيم جي وضاحت ڪندي حضرت سَيدُنا عبدُ الله بن عباس رَضِى اللّٰه تَعَالٰي عَنْهمَا جن فرمايو: رَقِيمان وادي جو نالو آهي جنهن ۾ اصحابِ ڪهفرَضِى اللّٰه تَعَالٰي عَنْهم جلوه فرما آهن۔([2])

اچو! هاڻي اسان اَصحابِ ڪهف رَضِى اللّٰه تَعَالٰي عَنْهم جي هن روحاني ۽ اِيمان افروز واقعي جي باري ۾ ٻڌون ٿا ۽ ان مان حاصل ٿيڻ وارا مدني گل گڏ ڪيون ٿا،

اَصحابِ ڪهف رَضِي اللّٰه تَعَالٰي عَنْهم جو واقعو

دعوتِ اسلامي جي اِشاعتي اداري مڪتبةُ المدينه جي شايع ٿيل 617

 

 



[1]صِراطُ الجِنان،پ۱۵، الکہف،تحت الآیۃ: ۹،۵/۵۴۰

[2]تفسیر خازن،پ۱۵،الکہف،تحت الآیۃ:۹،۳/۱۹۸