Book Name:Ashabe Khaf Ka Waqiya

ڏانهن جھاتي پائيندو ته اهو ان کي به پنهنجي وڪڙ ۾ قابو ڪندو۔ ته جنهن کي بچڻ جو ڪو هنڌ يا پناھ گاھ ملي ته ان کي گھرجي ته اهو ان ۾ پناھ وٺي۔([1])

مُفتي احمديار خان رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه هن حديثِ پاڪ جي تحت فرمائن ٿا: ويٺل مان مراد آهي انهن فتنن کان جدا ٿي رهڻ، انهن کان بلڪل واسطو نه رکڻ، اهو فتنن کان حفاظت جو ذريعو ٿيندو ته نه فتنن کي ڏسندو نه ان جو اثر وٺندو۔ ۽ بيٺل هئڻ مان مراد آهي پري کان انهن کي ڏسڻ، ان تي خبردار ۽ مطلع ٿيڻ،  هلڻ مان مراد آهي ان ۾ مشغول ٿيڻ پر معمولي طور تي، ۽ ڊوڙڻ مان مراد آهي، ان ۾ خوب مشغول ٿيڻ.    (مراٰۃ المناجيح،۷/۱۹۵،مختصراَ)

اڄ به نوان نوان فتنا ڦهلجي رهيا آهن، تنهنڪري اسان کي کپي ته اسان هر وقت پنهنجي اِيمان جي حفاظت جي فڪر ۾ مشغول رهون، ۽ فتنن کان حفاظت ۽ سلامتي ايمان جي لاءِ اِصلاحِ اُمّت جي ڪوششن ۾ مصروف تبليغِ قرآن ۽ سنت جي عالمگير غير سياسي تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته رهون، روزانو مدني انعامات جو رسالو ڀريون ۽ هر مهيني گھٽ مان گھٽ 3 ڏينهن جي مدني قافلن ۾ سفر کي پنهنجو معمول بڻايون، اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ ان جي برڪت سان پابندِ سنت بڻجڻ، گناهن کان نفرت ڪرڻ ۽ ايمان جي حفاظت جي لاءِ فڪر ڪرڻ جو ذهن بڻجندو ۔

ايمان جي حفاظت ۽ اِيمان تي خاتمو بالخير جي لاءِ مخصوص اوراد ۽ وظائف پڙھڻ جو معمول بڻايو، اچو ايمان جي حفاظت بابت اَوراد و وظائف ٻڌون ٿا۔

ايمان تي خاتمي لاءِ 4 ورد

 هڪ شخص بارگاھ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه ۾ حاضِر ٿي ايمان تي خاتِمو بالخير جي لاءِ دعا جو طالِب ٿيو ته پاڻ رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه ان جي لاءِ دعاء فرمائي ۽ ارشاد فرمايو:

 



[1]بخاری،کتاب الفتن،باب تکون فتنۃ القاعد …الخ،۴/۴۳۶،حدیث:۷۰۸۲