Book Name:Ashabe Khaf Ka Waqiya

صفحن تي مشتمل تفسير”صِراطُ الجِنان“ جلد 5 صفحي 541 تي اَصحابِ ڪهف رَضِى اللّٰه تَعَالٰي عَنْهم جي ايمان افروز واقعي کي ڪجھ هن طرح بيان ڪيو ويو آهي ته اَصحابِ ڪهف رَضِى اللّٰه تَعَالٰي عَنْهم اُفْسُوْس نالي شهر جا شريف ۽ عزت وارن ماڻهن مان ايماندار ماڻهو ها۔ انهي جي زماني ۾ دَقْيانُوْس نالي هڪ وڏو ظالم بادشاھ هو، جيڪو ماڻهن کي غير ِخدا جي عبادت تي مجبور ڪندو هو ۽ جيڪو شخص به غيرِ خدا جي عبادت تي راضي نه ٿيندو هو ان کي قتل ڪندو هو۔ دَقْيانُوْس بادشاھ جي ظلم و ستم کان پنهنجو ايمان بچائڻ جي لاءِ اصحابِ ڪهف رَضِى اللّٰه تَعَالٰي عَنْهم وٺي ڀڳا ۽ قريبي هڪ جبل ۾ غار جي اندر پناھ ورتي، اتي سمهي پيا ۽ 300 سالن کان وڌيڪ عرصي تائين ان حال ۾ رهيا۔ ڳولا ڪرائڻ تي بادشاھ کي معلوم ٿيو ته اهي هڪ غار۾آهن ته ان حڪم ڏنو ته غار کي هڪ مضبوط ديوار ٺاهي بند ڪيو وڃي ته جيئن اُهي اِن ۾(بکايل اُڃايل) مري وڃن ۽ اِها غار ئي انهن جي قبر ٿئي، اها ئي انهن جي سزا آهي۔ (  صِراطُ الجِنان،۵/۵۴۱،بتغیر قلیل )

مٺامٺا اسلامي ڀائرو! اوهان ٻڌو ته اصحابِ ڪهف رَضِى اللّٰه تَعَالٰي عَنْهم جو ايمان جي حفاظت جي معاملي ۾ ڪيتري قدر زبردست مدني ذهن هو، جو انهن ماڻهن فتنن کان بچڻ ۽ ايمان جي سلامتيءَ خاطر پنهنجو سڀ ڪجھ قربان ڪري غار ۾ پناھ وٺڻ ته پسند ڪيو، پر اللهعَزَّوَجَلَّ کان علاوه ڪنهن ٻي کي معبود مڃڻ جي لاءِ تيار نه ٿيا، اهو به معلوم ٿيو ته فتنن واري زماني ۾ مخلوق کان عليحدگي اختيار ڪرڻ، ايمان جي حفاظت جو نهايت مؤثَّر ترين ذريعو آهي۔

نبي ڪريم،رؤفٌ رَّحيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو: عنقريب فتنا ٿيندا جن ۾ ويٺل شخص بيٺل کان بهتر رهندو ۽ بيٺل شخص هلڻ واري کان بهتر رهندو ۽ هلڻ وارو شخص ڊوڙڻ واري کان بهتر رهندو۔ جيڪو ان (فتني)