Book Name:Ashabe Khaf Ka Waqiya

نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّي اللهُ تَعَالٰي عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان جنّت نشان آهي؛ جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. ([1])

 

سنّت کے مطابِق میں ہر اک کام کروں کاش

 

تُو پیکرِ سنّت مجھے الله! بنادے

 

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                               صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

گھر ۾ اچڻ وڃڻ جون سنتون ۽ آداب

اچو! شيخِ طريقت،اميرِ اهلسنّت حضرت علامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطار قادري رضوي ضيائي دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي رسالي 101 مدني گل مان گھر ۾ اچڻ وڃڻ جون ڪجھ سنتون ۽ آداب ٻڌون ٿا: *  جڏهن گهران ٻاهر نڪرو ته هي دعا پڙهو؛ بِسْمِ اللهِ تَوَکَّلْتُ عَلَی اللهِ لَاحَوْلَ وَلَا قُوَّۃَ اِلَّا بِاللّٰہِ‘‘ ترجمو؛ الله جي نالي سان، مون الله تي ڀروسو ڪيو۔ الله کان سواءِ نه (گناهن کان بچڻ جي) قوت آهي ۽ نه (نيڪيون ڪرڻ جي) طاقت آهي۔ ([2])اِنْ شَآءَ الله عَزَّ وَجَلَّ انهيءَ دعا کي پڙهڻ جي برڪت سان سڌي واٽ تي رهندو مصيبتن کان حفاظت ٿيندي ۽ اللهعَزَّوَجَلَّ جي مدد شاملِ حال رهندي۔ * پنهنجي گهر ۾ ايندي ويندي مَحارِم ۽ مَحرمات (مثال طور ماءُ، پيءُ، ڀاءُ، ڀيڻ، ٻارن ٻچن وغيره) کي سلام ڪريو۔* بنا الله (عَزَّوَجَلَّ) جو نالو وٺڻ جي مثال طور بِسْمِ الله چوڻ بنا جيڪو پنهنجي گھر ۾ داخل ٿيندو آهي، شيطان به اُن سان گڏ داخل ٿي ويندو آهي۔ * جيڪڏهن اهڙي گهر (کڻي پنهنجي خالي گهر) ۾ وڃڻ ٿئي جو اُن ۾ ڪو به نه هجي ته هيئن چئو؛ اَلسَّلَامُ عَلَیْنَا وَعَلٰی عِبَادِ اللهِ الصّٰلِحِیْن (يعني اسان تي ۽ الله عَزَّوَجَلَّ جي نيڪ ٻانهن تي سلام) ملائڪ انهي سلام جو

 

 

 

 



[1]مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵

[2]ابوداود،۴ /۴۲۰، حدیث:۵۰۹۵