Book Name:Ashabe Khaf Ka Waqiya

هاڻي ان ڪري اٿاريا ويا آهيون ته ماڻهن جي لاءِ موت جي بعد زندهه ٿيڻ جو دليل ۽ نشاني بڻجون۔

جڏهن شهر جو حاڪم غار جي ڪناري پهتو ان ٽامي جو صندوق ڏٺو، ان کي کولايو ويو ته تختي نڪتي، ان تختي ۾ اصحابِ ڪهف رَضِى اللّٰه تَعَالٰي عَنْهم ۽ ان جي ڪتي جو نالو لکيل هو۔ (صِراطُ الجِنان،۵/۵۴۲،بتغیر قلیل )

اَصحابِ ڪهفرَضِي اللّٰه تَعَالٰي عَنْهُم جو تعداد ۽ نالا مبارڪ

خليفه مفتي اعظم هند، شيخ الحديث حضرت علامه عبد المصطفيٰ اعظمي رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه فرمائن ٿا: اصحابِ ڪهف رَضِى اللّٰه تَعَالٰي عَنْهم جي تعداد جي باري ۾ جڏهن ماڻهن ۾ اختلاف ٿيو ته اها آيت نازل ٿي؛

قُلۡ رَّبِّیۡۤ اَعۡـلَمُ بِعِدَّ تِہِمۡ مَّا یَعۡلَمُہُمۡ اِلَّا قَلِیۡلٌ

ترجموڪنزالايمان: تون فرماءِ منهنجو رب انهن جي تعداد کي خوب ڄاڻي ٿو انهن کي نه ٿا ڄاڻن مگر ٿورا۔ (پ 15 الڪهف؛ 22)  (عجائب القرآن مع غرائب القرآن،ص۱۵۳ )

حضرت عبدالله ابن عباس رَضِیَ الـلّٰـهُ تَعَالٰی عَـنْهُمَا فرمايو: ته مان انهن گھٽ ماڻهن مان آهيان جيڪي اصحاب ڪهف جو تعداد ڄاڻن ٿا. اصحابِ ڪهف رَضِیَ الـلّٰـهُ تَعَالٰی عَـنْهُم جو تعداد ست آهي انهن جا نالا مبارڪ هي آهن:(1) مَکۡسَلْمِينَا، (2) يَمْلِيخَا،
(3)
مَرْطُوْنَس، (4) بَينُوْنَس، (5) سَارِينُونَس، (6)ذُوْنوانس، (7) کشْفِيطَطْنُوْنَسرَضِى اللّٰه تَعَالٰي عَنْهم اَجْمَعِين ۽ اٺون انهن جو ڪتو جنهن جو نالو قِطْمِير    آهي ۔([1])

اَصحاب ڪهف رَضِي اللّٰه تَعَالٰي عَنْهم جي نالن جي برڪت

مٺامٺا اسلامي ڀائرو! بزرگانِ دين رَحمَةُ اللّٰه تَعَالٰي عَلَيهمْ پنهنجي ڪتابن ۾ اَصحابِ



[1]تفسیر خازن،پ۱۵،الکہف،تحت الآیۃ:۲۲،۴/۲۰۷