Book Name:Ashabe Khaf Ka Waqiya

ٻه مدني گُل

2 جيتريون سٺيون نيتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.

بيان ٻڌڻ جون نيّتون

* نگاهون جھڪائي انتهائي توجھ سان بيان ٻُڌندس * ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو گوڏا ڀڃي ويهندس *ضرورت طور سوڙهو ٿي سِرڪي ٻين جي لاءِ جاءِ ڪُشادي ڪندس *ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، گھورڻ، جھڻڪڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندس *صَـلُّـواعَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله،تُوبُوا اِلَـي الله!وغيره ٻُڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ وارن جي دِل جوئي (يعني دلداري) جي لاءِ بلند آواز سان جواب ڏيندس *بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مُصافحو ۽ اِنفرادي ڪوشش ڪندس۔

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

الله جي نشانين مان هڪ نشاني

مٺامٺا اسلامي ڀائرو!اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ اڄ اسان ”اَصحابِ ڪهف رَضِى اللّٰه تَعَالٰي عَنْهم جو واقعو“ ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪنداسين۔ الله تعاليٰ قرآنِ ڪريم جي مختلف سورتن ۾ اڳوڻين اُمّتن جا سبق آموز واقعا، انهن تي نازل ٿيڻ وارين نعمتن، عذابن ۽ مختلف حيرت انگيز عجائبات ۽ نشانين کي بيان فرمايو آهي۔ اَصحابِ ڪهف رَضِى اللّٰه تَعَالٰي عَنْهم جو واقعو به عجائباتِ قرآنيه مان هڪ حيرت انگيز ۽ سبق آموز واقعو آهي، جنهن جو ذڪر قرآنِ ڪريم جي پندرهين (15) سيپاري جي ”سوره ڪهف“۾ موجود آهي۔ هن واقعي کي قرآنِ ڪريم ۾ هنن لفظن سان بيان فرمايو ويو آهي:

 

 

اَمۡ حَسِبۡتَ اَنَّ اَصۡحٰبَ الۡکَہۡفِ وَ الرَّ قِیۡمِ ۙ کَانُوۡا مِنۡ اٰیٰتِنَا عَجَبًا ﴿۹﴾ اِذۡ اَوَی الۡفِتۡیَۃُ اِلَی الۡکَہۡفِ فَقَالُوۡا رَبَّنَاۤ اٰتِنَا مِنۡ لَّدُنۡکَ رَحۡمَۃً وَّ ہَیِّیٔۡ لَنَا مِنۡ اَمۡـرِنَا رَشَدًا ﴿۱۰﴾

(پ۱۵،الڪھف:۱۰-۹)

 

 

 

ترجموڪنزالايمان: ڇا توکي خبر آهي غار ۽ جھنگ جي ڪناري وارا اسان جي هڪ عجيب نشاني هئا جڏهن انهن نوجوانن غار ۾ پناھ ورتي پوءِ عرض ڪيائون اي اسان جا رب اسان کي پاڻ وٽان رحمت ڏي ۽ اسان جي ڪم کي اسان جي واسطي منزل ملڻ جو سامان ڪر.