Book Name:Ashabe Khaf Ka Waqiya

پنهنجي مقبول ٻانهن يعني اصحابِ ڪهف رَضِى اللّٰه تَعَالٰي عَنْهم سان گڏ ان جو به ذڪر فرمايو، جيئن سيپاري 15سورۃ الڪهف جي آيت نمبر18 ۾ ارشادِ خداندي آهي:

وَ کَلۡبُہُمۡ بَاسِطٌ ذِرَاعَیۡہِ بِالۡوَصِیۡدِ ؕ (پ۱۵،الڪهف:۱۸)

ترجمو ڪنز الايمان: ۽ سندن ڪُتو به پنهنجُون ڪَرائيون پکيڙِيندڙ آهي غار جِي چانئُٺ تي

 

مُفَسّرِشهير،حڪيمُ الْامَّت مفتي احمد يار خان نعيميرَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه هن آيتِ مُبارَڪه جي تَحت فرمائن ٿا: بُزُرگن جي صحبت جو ڪتّي تي ايترو اثر ٿيو جو ان جو ذِڪر عزّت سان قرآن ۾ آيو ۽ ان جي نالي جا وظيفا پڙھيا وڃن ٿا، ان کي هميشه جي زندَگي نصيب ٿي وئي۔ مِٽي ان کي ناهي کائيندي ته جنهن انسان کي نبي جي صحبت نصيب ٿئي ان جي ڇا ڳالھ ڪجي! ([1])

ڪتّي جي نقصان کان محفوظ رهڻ جو وظيفو

صدرُ الافاضِل حضرت علامه مولاناسيد مفتي محمد نعيم الدّين مُراد آبادي رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه فرمائن ٿا ته تفسيرِ ثَعْلَبي ۾ آهي: جيڪو هنن ڪلمات وَ کَلۡبُہُمۡ بَاسِطٌ ذِرَاعَیۡہِ بِالۡوَصِیۡدِ ؕ کي لکي ڪر پاڻ سان گڏ رکي ڪتّي جي شر کان اَمن ۾ رهندو۔([2]) جيڪڏهن ڪتّو ڀونڪندي اڳتي وڌي حملو ڪري ته اهي قرآني ڪلمات پڙھي وٺو۔ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ اهو ڪجھ نه بگاڙي سگھندو۔ ([3])

اصحابِ ڪهف رَضِى اللّٰه تَعَالٰي عَنْهم جي ڪتّي جو مقام ۽ مرتبو بيان ڪندي اعليٰ حضرت،امامِ اهلسنت مولانا شاھ امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيهفرمائن ٿا: اَصحابِ ڪهف رَضِى اللّٰه تَعَالٰي عَنْهم جو ڪتَّو بلعم باعُور جي شڪل (جو) بڻجي جنّت ۾

 

 



[1]نور العرفان،پ۱۵،الکہف،تحت الآیۃ۱۸، ص۴۷۰بتغیر قلیل

[2]خزائن العرفان،پ۱۵،الکہف،تحت الآیۃ۱۸، ص۵۵۱بتغیر قلیل

[3]سگِ مدینہ کہنا کیسا؟ ،ص۳۱