Book Name:Ashabe Khaf Ka Waqiya

تنهنڪري جيڪو نمازي روزيدار ته هجي پر ان جي دل ۾ تبرُّڪات جي تعظيم نه هجي اهو دِلي پرهيزگار ناهي۔([1])

دونوں عالَم میں ہُوا وہ سُرخْرُو

جس کو اُن کی چشمِ رحْمت مل گئی

میں اِمام احمد رضا کا ہُوں غلام

کتنی اعلیٰ مجھ کو نِسبت مل گئی

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                                     صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺامٺا اسلامي ڀائرو! هينئر اسان نسبت جون بهارون ملاحظه ڪيون، جيڪڏهن اسان اصحابِ ڪهف رَضِى اللّٰه تَعَالٰي عَنْهم جي واقعي تي غور ڪيون ته
اَلْحَمْدُ لِلّٰهعَزَّ وَجَلَّ اتي به اسان کي نسبت جو فيضان ڏسڻ ۾ ايندو۔ ڪتّي کي عام طور هڪ معمولي جانور سمجھيو ويندو آهي، راھ هلندڙن تي ڀونڪڻ ان جي عادت ۾ شامل هوندو آهي، پر جيڪڏهن انهي جانور کي الله وارن جي نسبت ۽ صحبت ملي وڃي ته پوءِ اهو عام ڪتّو ناهي رهندو بلڪ ان جي شان و شوڪت ۽ اهميت و رِفعت ڪيئي گُنا وڌي ويندي آهي،اصحابِ ڪهف رَضِى اللّٰه تَعَالٰي عَنْهم جي ڪتّي جو به ڪجھ اهو ئي معاملو آهي پهريان اهو هڪ عام ڪتّو هو پر ان کي اَصحابِ ڪهف رَضِى اللّٰه تَعَالٰي عَنْهم سان محبت ۽ اُلفت ٿي وئي تنهنڪري اهو ان الله وارن جي محبت ۾ انهن جو رفيق ۽ شريڪِ سفر ۽ محافظ بڻجي ويو، اولياء ڪرام عَلَيهم رَحْمَۃُ اللّٰه ِالسَّلام جي صحبت ۽ نسبت جون برڪتون ڇا نصيب ٿيون، ان جي ته قسمت چمڪي پئي ان جو مقام ۽ مرتبو ايترو بلند ٿيو جو ربِّ ذُوالجلالعَزَّوَجَلَّ ان کي پنهنجي پاڪيزه ڪلام قرآنِ ڪريم ۾



[1]علم القرآن،ص۴۸تا۵۰ ،ملتقطا،بتغیر قلیل