Book Name:Ashabe Khaf Ka Waqiya

شين کي ڪا خاص نسبت حاصل نه هجي ها ته اهي انمول ٿيڻ بدران بدستور بي قدر و قيمت ئي رهن ها بلڪ گھڻو اڳ ۾ ئي انهن جو وجود مِٽجي وڃي ها * الله تعاليٰ قرآنِ ڪريم ۾ حضورِ انور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي جان، پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان نسبت رکڻ واري شهرِ مڪه جو قسم ارشاد فرمايو *نبي ڪريم، رؤفٌ رَّحيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي پاڪ بيبين رَضِياللّٰه تَعَالٰي عَنْهنَّ کي جڏهن نسبتِ رسول نصيب ٿي ته اهي مومنن جون مائرون سڏيون ويون ۽ خاڪ مدينه کي جڏهن نسبتِ سرڪار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم حاصل ٿي ته اها خاڪ شِفا سڏائي ٿي * نسبت جي ئي سبب ساداتِ ڪرام افضل ۽ اعليٰ آهن * نسبت جي ئي بدولت حضرت سَيدُنا جبريلِ امين عَلَيهِ السَّلام جي گھوڙي جي قدمن جي خاڪ سببِ حيات بڻجي وئي*نبين عَلَيهمُ السَّلام جي نسبت جو صدقو هو جو بني اسرائيل تابوتِ سڪينه جي برڪت سان دشمنن تي فتح حاصل ڪندا ها * نسبت جي ئي برڪت هئي جو حضرت سَيدُنا يوسف عَلٰي نَبِينَا وَ عَلَيه الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام جي جسمِ اطهر سان مس ٿيل مُبارَڪ قميص جي ڪري حضرت سَيدُنا يعقوب
عَلٰي نَبِينَا وَ عَلَيه الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام جي اکين جو نور موٽي آيو * مخصوص ملڪن، شهرن، علاقن، گهٽين، رستن، ڳوٺن، محلن، مهينن، ڏينهن، تاريخن، قومن، هنڌن ۽ شخصيتن ايستائين جو روز مَرَّه استعمال ٿيڻ واري عام شين جي قابلِ احترام ۽ لائقِ تعظيم ٿيڻ ۾ انهيء نسبت جو فيضان آهي۔

مُفَسِّرِ شَهير،حڪيم الاُمَّت مفتي احمد يار خان نعيميرَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه نسبت جي اهميت کي وڌيڪ اُجاگر ڪندي فرمائن ٿا: صفا ۽ مروه اُهي جبل آهن جن تي حضرت سَيدَتُنا هاجِره رَضِياللّٰه تَعَالٰي عَنْها پاڻي جي تلاش ۾ 7 ڀيرا چڙھيون ۽ لٿيون۔ ان الله واريءَ جي قدم پئجڻ جي بر ڪت سان اهي ٻئي جبل الله عَزَّ وَجَلَّ جي نشاني بڻجي ويا ۽ قيامت تائين حاجين تي ان پاڪ بيبي رَضِياللّٰه تَعَالٰي عَنْها جي