Book Name:Ashabe Khaf Ka Waqiya

نقل ڪرڻ ۾ ان تي چڙھڻ ۽ لهڻ 7 ڀيرا لازم ٿي ويو۔ بزرگن جا قدم لڳڻ سان اها شيء الله عَزَّوَجَلَّ جي نشاني بڻجي وئي۔ مقامِ ابراهيم اهو پٿر آهي، جنهن تي بيهي حضرت سَيدُنا ابراهيمخليلُ اللهعَلٰي نَبِينَا وَ عَلَيه الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام ڪعبه معظمه جي تعمير ڪئي، اهو به حضرت سَيدُنا ابراهيم خليلُ اللهعَلٰي نَبِينَا وَ عَلَيه الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام جي برڪت سان الله عَزَّوَجَلَّ جي نشاني بڻجي ويو ۽ ان جي تعظيم اهڙي لازم ٿي جو طواف جا نفل ان جي سامهون بيهي پڙهڻ سُنّت ٿي ويا جو سجدي ۾ مٿو ان پٿر جي سامهون (الله عَزَّوَجَلَّ جي بارگاھ ۾) جھڪي۔ جڏهن بزرگن جا قدم پوڻ سان صفا مروه ۽ مقامِ ابراهيم الله عَزَّوَجَلَّ جي نشاني بڻجي ويا ۽ تعظيم لائق ٿي ويا ته انبياءِ ڪرام عَلَيهمُ الصَّلٰوۃُ وَ السَّلام ۽ اولياءِ ڪرام رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيهمْ اَجْمَعِين جون قبرون ته جن ۾ اُهي حضرات دائمي قيام فرما آهن، يقيناً الله عَزَّوَجَلَّ جون نشانيون آهن ۽ ان جي تعظيم لازم آهي۔ اَصحابِ ڪهف رَضِى اللّٰه تَعَالٰي عَنْهم جو غار جنهن ۾ اُهي آرام فرما آهن اڳوڻي زماني جي مسلمانن اتي مسجد بڻائي ۽ رَبّ عَزَّوَجَلَّ انهن جي ان ڪم تي ناراضگي جو اظهار نه ڪيو، ان سان معلوم ٿيو ته اها جڳھ الله عَزَّ وَجَلَّ جي نشاني بڻجي وئي، جنهن جي تعظيم ضروري ٿي وئي۔ جيڪو جانور قرباني جي لاءِ يا ڪعبي شريف جي لاءِ خاص ٿي وڃي، اهو الله عَزَّوَجَلَّ جي نشاني آهي، ان جو احترام ڪرڻ گھرجي، جيئن قرآن جو جُزدان، غلافِ ڪعبه، آبِ زمزم ۽ سر زمينِ مڪه شريف وغيره جو احترام ڪرڻ ضروري آهي، ڇوته ان کي رَبّ عَزَّوَجَلَّ يا ان جي پيارن سان نسبت آهي، تنهنڪري اِنهن سڀني جي تعظيم ضروري آهي۔طُورِ سينا جبل ۽ مڪو شريف ان ڪري عظمت وارا بڻجي ويا جو طُو ر کي حضرت سَيدُنا موسيٰ ڪليمُ الله عَلَيه السَّلَام سان ۽ مڪه معظمه کي اسان جي پياري آقا، حبِيبُ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان نسبت ٿي وئي۔خلاصو هي آهي ته الله جي پيارن جون شيون الله عَزَّ وَجَلَّ جون نشانيون آهن، الله عَزَّوَجَلَّ جي نشانين جي تعظيم ۽ توقير قرآني فتوي سان دِلي تقويٰ آهي،