Book Name:Ashabe Khaf Ka Waqiya

اولياء ڪرام عَلَيهم رَحْمَةُ اللّٰه ِالسَّلام ۽ نيڪ ٻانهن سان محبت ڪرڻ وارو ۽ ان جي صحبت کان فيضياب ٿيڻ وارو آهي بلڪه هن آيت ۾ ان مسلمانن جي لاءِ تسلّي آهي جيڪي ڪنهن بلند مرتبي تي فائز نه آهن۔([1])يعني ان جي لاءِ تسلّي آهي جو اهي پنهنجي ان محبت ۽ عقيدت جي ڪري الله تعاليٰ جي بارگاھ ۾ ڪامياب ٿيندا۔([2])

خاک مجھ میں کمال رکھا ہے

میرے عیبوں پہ ڈال کر پردہ

 

مُرشِدی نے سنبھال رکھا ہے

مجھ کو اچھوں میں ڈال رکھا ہے

 

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                              صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺامٺا اسلامي ڀائرو! اسان کي به کپي ته الله وارن سان خُوب خُوب عقيدت ۽ محبت رکون ۽ ان سان گڏوگڏ انهن جي نقشِ قدم تي هلندي نماز روزي جي پابندي ڪيون ۽ سٺا عمل اختيار ڪندي بُرن عملن کان هر دَم پاڻ کي بچائڻ جي ڀرپور عملي ڪوشش جاري رکون۔ خاص طور تي الله وارن جي بي اَدبي ،دُشمني ۽ عداوت کان پري رهون، ڇوته ان جو انجام نهايت بُرو آهي: حديثِ قُدسي ۾ آهي، الله عَزَّ وَجَلَّ فرمائي ٿو: مَنْ عَادَى لِي وَلِيًّا فَقَدْ اٰذَنْتُهُ بِالحَرْبِ جنهن منهنجي ڪنهن ولي سان دُشمني ڪئي مان ان سان اعلانِ جنگ ڪيان ٿو۔([3])

بي ادبي جي مذمّت بيان ڪندي نبي ڪريم،رؤفٌ رحيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو: اَدَبُ السُّو ْءِ كَعِرْقِ السُّو ْءِ يعني بي ادبي نهايت بُري عادت جيان آهي۔([4]) حضرت سَيدُنا عبدُالله بن مُبارَڪ رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه فرمائن ٿا: اسان کي گھڻي علم



[1]تفسیر قرطبی، پ۱۵،الکھف، تحت الآیۃ: ۱۸،الجزء۱۰،۵/۲۶۹

[2]صِراطُ الجِنان،پ۱۵،الکہف،تحت الآیۃ:۱۸، ۵/۵۵۰

[3]بخاری،کتاب الرقاق،باب التواضع...الخ،۴/ ۲۴۸،حدیث:۶۵۰۲

[4]شعب الایمان،باب فی الجود والسخاء،حدیث:۱۰۹۷۴،۷/ ۴۵۵