Book Name:Ashabe Khaf Ka Waqiya

ڪري، ڇاڪاڻ ته جن دِلين ۾ فلمن، ڊرامن، بي حيائين ۽ گانن جي محبت هجي، انهن دلين ۾ نماز، ذِڪر، دُرود ۽ تلاوت جي محبت نٿي سمائجي سگھي۔ (تفسير صراط الجنان،جلد1،ص168)

الله عَزَّوَجَلَّ ! اسان جو ايمان سلامت رکي، ايمان جي سلامتي سان گڏ خاتمو بالخير نصيب ٿئي، گنبدِ خضريٰ جي ڇانوَ ۾ شهادت جو موت نصيب ٿئي، جنّت البقيع ۾ مدفن ۽ جنت الفردوس ۾پياري آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  جي پاڙي ۾ جڳھ نصيب ٿئي۔

مُسلماں ہے عطاؔر تیری عطا سے

ہو اِیمان پر خاتمہ یا اِلٰہی

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                                     صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺامٺا اسلامي ڀائرو! تفسير ”صِراطُ الجِنان“ ۾ آهي ته دَقْيانُوْس بادشاھ اصحابِ ڪهف رَضِى اللّٰه تَعَالٰي عَنْهم کي هلاڪ ڪرڻ جو هي ڪم جنهن جي حوالي ڪيو اهو نيڪ انسان هو، هن انهن اصحابن رَضِى اللّٰه تَعَالٰي عَنْهم جا نالا، تعداد ۽ سڄو واقعو هڪ تختي تي لکرائي ٽامي جي صندوق ۾ ديوار جي بنياد جي اندر محفوظ ڪري ڇڏيو ۽ اهو به بيان ڪيو ويو آهي ته اهڙي طرح هڪ تختي شاهي خزاني ۾ به محفوظ ڪرائي ڇڏي۔ ڪجھ عرصي کان پوءِ دَقْيانُوْس هلاڪ ٿي ويو، زمانه گذريا، بادشاهتون بدلجنديون رهيون، ايستائين جو هڪ نيڪ بادشاھ مقرر ٿيو جنهن جو نالو بَيدرُوس هو ۽ ان 68 سال حڪومت ڪئي۔ ان جي دورِ حڪومت ۾ ملڪ ۾ فتنو فساد پيدا ٿيو، ائين جو ڪجھ ماڻهو مرڻ کان پوءِ اُٿڻ ۽ قيامت اچڻ جا منڪر (يعني انڪار ڪرڻ وارا) ٿي ويا۔ بادشاھ هڪ جدا گھر ۾ بند ٿي ويو ۽ ان گِريو ۽ زاري ڪندي بارگاھ اِلٰهي ۾ دعا ڪئي ته ياربّ عَزَّوَجَلَّ!