Book Name:Ashabe Khaf Ka Waqiya

پڙھڻ ۽ مسلمانن کي سلام ڪرڻ جون دلنشين خوشخبريون ارشاد فرمايون ويون آهن۔ اچو! ترغيب لاءِ سلام ۽ نماز جي فضيلت بابت 2 حديث مبارڪ ٻڌون ٿا جيئن

نبي مڪرّم،شفيعِ اُمَم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ عاليشان آهي:
اَفْشُوا السَّلَامَ تَسْلَمُوْا يعني سلام کي عام ڪيو سلامتي ملندي۔([1]) ۽ نماز جي باري ۾ فرمايو: اللهعَزَّوَجَلَّ ارشاد فرمائي ٿو ته مون اوهان جي اُمت تي 5 نَمازون فرض ڪيون آهن ۽ ان جي باري ۾ پنهنجي پاڻ کان عهد ڪيو آهي ته جيڪو انهن کي پابندي سان ان جي وقت ۾ ادا ڪندو، ان کي جنت ۾ داخل ڪندس ۽ جيڪو ان کي پابندي سان ادا نه ڪندو ان جي لاءِ مون وٽ ڪو عهد ناهي۔([2]) تنهنڪري اسان سڀني کي کپي ته سلامتي حاصل ڪرڻ ۽ جنت ماڻڻ جي لاءِ سلام جي سُنّت کي عام ڪيون ۽ پنج وقته باجماعت نماز جي پابندي ڪندا رهون۔ اچو اسان سڀ نيت ڪيون ٿا ته اڄ کان پوءِ اسان جي ڪا نماز قضا نه ٿيندي، پنج ئي نمازون باجماعت تڪبيرِ اُوليٰ سان ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين۔ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺامٺا اسلامي ڀائرو!اصحابِ ڪهف رَضِى اللّٰه تَعَالٰي عَنْهم نماز مان فارغ ٿي يَمْلِيخَا کي چيو ته اوهان وڃو ۽ بازار مان ڪجھ کائڻ لاءِ وٺي اچ ۽ اها به خبر وٺ ته دقيانوس بادشاھ جو اسان جي باري ۾ ڇا ارادو آهي۔ اهي بازار ويا ته انهن شهر جي دروازي تي اسلامي علامت ڏٺي ۽ اتي نوان نوان ماڻهو ڏٺا، اهو ڏسي ان کي تعجب ٿيو ته هي ڇا معاملو آهي؟ ڪلھ تائين ته ڪو شخص



[1]ابن حبان، کتاب البر والاحسان ،باب افشاء السلام...الخ،ذکر اثبات السلامۃ …الخ،۱/۳۵۷ ،حدیث:۴۹۱

[2]ابو داود،کتا ب الصلوۃ،باب المحافظۃ علی وقت الصلوۃ،۱/۱۸۸، حدیث:۴۳۰