Book Name:Barakate Makkah Aur Madinah

v      خليفه ثاني امير المؤمنين حضرت سَيدُنا فاروقِ اعظم رَضِي الله تَعَالٰي عَنْه مديني شريف ۾ شهادت جي دُعا گھرندا هئا۔

v      مدينه منوره طاعُون جي بيماري کان محفوظ رهندو۔

v      مڪو ۽ مدينو دجال جي فتني کان محفوظ رهندا۔

v      مدينه منوره اهڙي نرالي بٺي آهي جيڪا ماڻهن کي پاڪ ۽ صاف ڪندي آهي۔

v      علماءِ ڪرام رَحْمَۃُاللّٰهتَعَالٰي عَلَيهمْ اَجْمَعِين مدينهٔ منوره کي يثرب چوڻ گناه ۽ حرام قرار ڏنو آهي۔

v      مديني شريف کي يثرب چوڻ واري جي لاءِ حديثِ پاڪ ۾ ڪفاري جي طور تي ڏھ (10) ڀيرا مدينه چوڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي۔

الله تعاليٰ حاجين ۽ عمرو ڪرڻ وارن جي طفيل اسان کي به بار بار پيارو پيارو مڪو ۽ مٺو مٺو مدينو ڏيکاري۔   اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِينصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                                                         صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو ! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّي اللهُ تَعَالٰي عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان جنّت نشان آهي؛ جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو.([1])

ان کی سنَّت کا جو آئنہ دار ہے

 

بس وُہی تَو جہاں میں سمجھدار ہے

 

 



[1]مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵