Book Name:Allah عزوجل ki Muhabbat kaisay Hasil ho?

وڏين ظاہِري باطِني نعمتن کي ہر وَقۡت پيشِ نظر رکڻ  به، مَحبتِ الٰہي جي حُصُول جو مُؤثِر ذريعو آهي۔ ان ڳالھ ۾ ڪو شڪ ناهي ته اللہ عَزَّوَجَلَّ پنهنجي ٻانهن تي بي شُماراِحسانات فرمايا، زمين کي فرش بڻايو، آسمان کي بغير ڪنهن سُتُون (ٿنڀ) جي قائم ڪيو، پنهنجي راھ ٻڌائڻ ۽ حق جي دعوت ڏيڻ جي لاءِ، رُسُل ۽ انبياء عَـلَيْـھمُ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام کي مَبعُوث فرمايو،  ان کان علاوہ جيڪڏهن اسان پنهنجي ذات ۾ غورڪريون ته معلوم ٿيندو ته اللہ عَزَّوَجَلَّ اسان کي بي شُمار نعمتون عطا ڪيون آهن، مثلاً اسان کي پيدا ڪيو ۽ زِندگي باقي رکڻ جي لاءِ سَاھ کڻڻ ۽ ڪڍڻ جو نظام عطا فرمايو، هَلڻ جي لاءِ پير ڏنا، ڇُهڻ جي لاءِ ہٿ ڏنا، ڏسڻ جي لاءِ اکيون عطا فرمايون، ٻُڌڻ جي لاءِ ڪَنَ ڏنا، سُونگھڻ جي لاءِ نَڪ ڏنو، ڳالهائڻ جي لاءِ زبان عطا ڪئي ۽ بي شُمار اهڙيون نعمتون عطا فرمايون، جن ۾ اڄ تائين اسان ڪڏهن غور ئي ناهي ڪيو، حالانڪه ان جي هڪ ننڍڙي نعمت به اسان جي ڪيترن سالن جي عِبادت ۽ رِياضت کان وڌيڪ آهي۔ جيئن ته مَنقول آهي ته پهريان جي اُمَّتن مان هڪ شخص جنهن چار سو (400) سال اللہ عَزَّوَجَلَّ جي عبادت ڪئي ہوندي، ان جي نامهء اعمال ۾ ڪو گناھ به نه ہوندو۔ قيامت جي ڏينهن ان جي باري ۾ حڪمِ خداوندي ٿيندو ”ان جي چار سو (400) سالن جي عبادت هڪ پلڙي ۾ ۽ اسان جي نعمتن مان صرف اَک جي نعمت ٻي پلڙي ۾ رکو۔“ وزن ڪيو ويندو،  ان جي چار سو (400) سال جي اعمال کان هڪ ئي نعمت ڪئي گُنا وڌيڪ ہوندي۔ (ملفوظات،ص۲۸۲، ملتقطاً ومفہومًا) تنهنڪري اسان کي ان جي عَطا ڪيل نعمتن کي ہر وَقۡت پيشِ نَظر رکندي اِن جو شُڪر ادا ڪندي رہڻ گھرجي۔

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد