Book Name:Allah عزوجل ki Muhabbat kaisay Hasil ho?

سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو.

(ابن عساڪر ج 9 ص 343)

سینہ تری سُنّت کا مدینہ بنے آقا

جَنَّت  میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

”عمامو شريف“ جي نوَن اکرن جي نسبت سان عمامي جا 9 مدني گل

       ٻه فرامين مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم : * عمامي سان گڏ ٻه رڪعتون نماز (پڙهڻ) بغير عمامي جي ستر 70 رڪعتن کان افضل آهي. (الفردوس بماثورالخطاب ج 2 ص 265 حديث 3233) * عمامي سان گڏ نماز ڏهه هزار نيڪين جي برابر آهي. (ايضاً ج 2 ص 406 حديث 3805 فتاويٰ رضويه ج 6 ص 213) *  عمامو قبلي ڏانهن منهن ڪري بيهي ٻڌو. (ڪشف الالتباس في استحباب اللباس للشيخ عبدالحق الدهلوي ص 38) * عمامي ۾ سنت هي آهي ته اڍائي گز کان گھٽ نه هجي، نه ڇهه گز کان وڌيڪ، ۽ ان جي بندش گنبد نما هجي. (فتاويٰ رضويه ج22 ص 186) * رومال جيڪڏهن ايترو وڏو هجي جيڪو مٿي کي چڱي طرح ڍڪي ته اهو عمامو ئي آهي ۽ * ننڍو رومال جنهن سان صرف هڪ ٻه وَر اچي سگھن ٻَڌڻ مڪروهه آهي. (فتاويٰ رضويه ج 7 ص 299) * عمامي کي جڏهن نئي سري سان ٻڌڻو هجي ته جيئن ٻڌيل آهي ائين کوليو ۽ هڪ مهل زمين تي نه اُڇلايو . (فتاويٰ عالمگيري ج 5 ص 330) * جيڪڏهن ضرورتاً لاٿو، ۽ ٻيهر ٻَڌڻ جي نيّت هجي ته هڪ هڪ پيچ کولڻ تي