Book Name:Allah عزوجل ki Muhabbat kaisay Hasil ho?

مخلوق ۾ ان جو ذڪرِ خير فرمائيندو آهي

          اهڙي طرح جڏهن اللہ عَزَّوَجَلَّ ٻانهي سان مَحَبَّت ڪندو آهي ته ان جي ذِڪۡرِ خَير کي  پنهنجي مخلوق ۾ عام فرمائي ڇڏيندو آهي، ہر طرف  ان جي نيڪ نامي ۽ ڀلائي جا چرچا ہئڻ لڳندا آهن۔ حُضُورِ پاڪ، صاحب ِلولاڪ
صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ عالي شان آهي: اللہ عَزَّوَجَلَّ جڏهن ڪنهن ٻانهي سان مَحَبَّت ڪندو آهي ته حضرت جبريل عَـلَيْـهِ الـسَّـلَام کي گھُرائيندو آهي، پوءِ فرمائيندو آهي ته آئون فُلاڻي سان مَحَبَّت ڪندو آہيان،  تون ان سان مَحَبَّت ڪر، جيئن ته حضرت جبريل عَـلَيْـهِ الـسَّـلَام ان سان مَحَبَّت ڪندا آهن، آسمان ۾ اعلان ڪندي چوندا آهن ته اللہ عَزَّوَجَلَّ فُلاڻي سان مَحَبَّت ڪري ٿو، توهان ماڻهون ان سان مَحَبَّت ڪريو، ته ان سان آسمان وارا مَحَبَّت ڪندا آهن، پوءِ ان جي لاءِ زمين ۾ قبوليت رکي ويندي آهي ۽ جڏهن رب تَعاليٰ ڪنهن ٻانهي کان ناراض ٿيندو آهي، ته فرمائيندو آهي ته آئون فُلاڻي کان ناراض آہيان، ته توهان به ان کان ناراض ٿي وڃو، فرمايو ته جبرئيل ان کان ناراض ٿي ويندا آهن، پوءِ آسمان وارن ۾ اعلان ڪندا آهن ته اللہ عَزَّوَجَلَّ فُلاڻي کان ناراض آهي، توهان ماڻهو به ان کان ناراض ٿي وڃو، فرمايو: پوءِ اهي ماڻهون ان سان نفرت ڪندا آهن، پوءِ زمين ۾ ان جي لاءِ نفرت رکي ويندي آهي۔

(صحیح مسلم،کتاب البر، باب اذا احب اللہ تعالٰی عبدًا۔۔۔۔۔الخ، حدیث:۱۶۳۷، ص۱۴۱۷)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان کي به گھرجي ته اللہ عَزَّوَجَلَّ جو محبوب بنجڻ جي لاءِ، وڌ کان وڌ عبادت، تلاوت ۽ نيڪين جي عادت بڻايون ۽ جيڪڏهن بتقاضاءِ بَشَرِيت ڪو گُناھ سَرزَد ٿي وڃي ته فوراً اللہ عَزَّوَجَلَّ جي بارگاھ ۾ سچي توبھ ڪريون، ڇو جو اللہ عَزَّوَجَلَّ توبھ ڪرڻ وارن کي به گھڻو پسند