Book Name:Allah عزوجل ki Muhabbat kaisay Hasil ho?

        بصرہ جي هڪ شيخ، حضرتِ رابعه بصري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْها وٽ آيا ۽ دُنيا جي شڪايت ڪرڻ لڳا ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْها جن فرمايو ته غالبًا توهان کي دُنيا سان تمام گھڻو لڳاؤ آهي، ڇو جو جيڪو شخص جنهن سان تمام گھڻي مَحَبَّت ڪندو آهي، ان جو ذڪر به تمام گھڻو ڪندو آهي، جيڪڏهن توهان کي دُنيا سان لڳاؤ نه ہجي ها، ته توهان ڪڏهن ان جو ذِڪۡر نه ڪريو ها۔

            (تذکرۃ الاولیاء، ص۷۶، ملخصاً)

اِلٰہی! واسطہ دیتا ہوں میں میٹھے مدینے کا

بچا دُنیا کی آفت سے بچا عُقْبیٰ کی آفت سے

 (وسائل بخشش،ص۴۰۱،۴۰۲،۴۰۳)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

تلاوتِ قرآن جو شوق، مَحَبَّتِ الٰهي جو ذريعو

      مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! قرَآنِ ڪريم جي تلاوت ڪرڻ، ان ۾ غور ۽ فڪر ڪرڻ ۽ ان جي مَعاني و مَفاہيم کي سمجھي ڪري عمل ڪرڻ به ڪارِ ثواب ۽ مَحَبَّتِ الٰہي جي حُصُول جو هڪ بہترين ذريعو آهي۔

حضرت سہل تُستري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: اللہ عَزَّوَجَلَّ سان مَحَبَّت جي علامت هي آهي ته اهو شخص قرآنِ پاڪ سان مَحَبَّت ڪري۔ مَحبَّتِ الٰہي ۽ مَحبَّتِ قرآن جي نشاني، حُضُور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان مَحَبَّت ڪرڻ آهي ۽ حُضُور عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام سان مَحَبَّت جي نشاني، توهان جي سُنَّت سان لڳاؤ رکڻ آهي۔ (مکاشفۃ القلوب،الباب الحادی عشر فی طاعۃ اللّٰہ ومحبۃ رسولہ ص۳۷) تنهنڪري اسان کي به قرآنِ پاڪ سان سچي مَحَبَّت ہئڻ گھرجي ڇو جو مُحِب جي سچائي ٽن (3) شين سان ظاہر ٿيندي آهي۔ (۱) مُحِب (مَحَبَّت ڪرڻ وارو) محبوب جي ڳالهين کي سڀ کان چڱو سمجھندو آهي۔ (۲) ان جي لاءِ محبوب جي مجلس سڀ کان