Book Name:Allah عزوجل ki Muhabbat kaisay Hasil ho?

پاڪ ٻُڌو ته ڪيترين غلطين جي نشاندہي ڪئي ۽ پيار ڀري انداز ۾ فرمائڻ لڳا، ته قرآنِ پاڪ کي دُرُست مَخارج سان گڏ پڙھڻ ضروري آهي، ڇو جو تَلفُّظ جي دُرُسۡت نه ہئڻ جي سبب جيڪڏهن ڪنهن لفظ جو معنيٰ تبديل ٿي وڃي ته اڪثر ڪري نماز فاسد ٿي ويندي آهي۔ مون کي جلد ئي پنهنجي ڪوتاہين جو احساس ٿي ويو ۽ مون نيت ڪري ورتي ته مدرسةُ المدينه (بالغان) ۾ پابندي سان شرڪت ڪري دُرُست مَخارج سان قرآن پاڪ پڙھڻ سکندس۔ اَلۡحَمۡدُلِلّٰه  عَزَّوَجَلَّ مدرسةُ المدينه (بالغان) ۾ شرڪت جي برڪت سان قرآنِ پاڪ سکڻ سان گڏوگڏ نماز، وضو ۽ غسل ۽ ٻيا ڪيترا ضروري مسئلا سکڻ جي سعادت حاصل ٿي۔ آهستي آهستي ہفتيوار سنّتن ڀري اجتماع ۾ شرڪت ۽ مدني قافلن ۾ سفر جي سعادت حاصل ڪرڻ لڳس۔ ان جي دوران شيخِ طريقت، اميرِاہلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه جو مريد ٿي ڪري حضور غوثِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي غلامي جو پٽو به ڳلي ۾ وجھي ڇڏيو۔ اللہ عَزَّوَجَلَّ جي بارگاھ ۾ سچي دل سان پنهنجي سابقه گناہن کان توبھ ڪئي ۽ آئندہ قُرآنِ ۽ سنّت جي احڪامن تي عمل ڪندي زندگي گذارڻ جو پختو ارادو  ڪري ورتو۔ نمازِ پنجگانه جو پابند ٿي ويس۔ مٿي تي سبز سبز عمامو شريف جو تاج ۽ چہري کي داڙھي شريف جي نور سان سينگاري ورتو۔ اَلۡحَمۡدُلِلّٰه عَزَّوَجَلَّ جلد ئي مون تجويد سان گڏ مڪمل قُرآنِ پاڪ پڙھي ورتو۔

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

نعمتِ الٰهي ۾ غور و فڪر، مَحَبَّتِ الٰهي جو ذريعو

        مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اللہ عَزَّوَجَلَّ جي فضل ۽ احسان ۽ ان جي ننڍين