Book Name:Allah عزوجل ki Muhabbat kaisay Hasil ho?

ترجمو ڪنزالايمان: پنهنجي ربّ جي واٽ جي طرف سڏ پڪي سمجهه ۽ چڱي نصيحت سان“ ۽ بخاري شريف (حديث:4361) جي هن فرمانِ مصطفيٰ  صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم: بَلِّغُوۡا عَنِّيۡ وَلَوۡ آيَة يعني ”منهنجي طرفان پهچايو جيتوڻيڪ هڪ ئي آيت هجي“ ۾ ڏنل احڪام جي پيروي ڪندس * نيڪي جو حڪم ڏيندس ۽ بُرائي کان منع ڪندس * شعر پڙهڻ، عربي، انگريزي ۽ ڏکيا لفظ ڳالهائڻ دؤران دل جي اخلاص تي توجُّھ رکندس يعني پنهنجي علميت جو ڌاڪو ويهارڻ مقصود ٿيو ته ڳالهائڻ کان بچندس * مَدَني قافلي، مَدَني انعامات ۽ علاقائي دوره براءِ نيڪي جي دعوت وغيره جي رغبت ڏياريندس * ٽهڪ ڏيڻ ۽ ڏيارڻ کان بچندس * نظر جي حفاظت بڻائڻ جي خاطر حتي الامڪان نگاهون جهڪائي رکندس۔

حقيقي ٻانها ۽ سچا محبوب

      دعوتِ اسلامي جي اِشاعتي اِداري مڪتبة المدينه جي اها منفرد ڪتاب، جنهن ۾ 56 بيانات آهن، ان ڪتاب جو نالو آهي ”حکايتيں اور نصيحتيں“ ان جي صفحي نمبر 256 جي حڪايت کي جيڪڏهن توهان توجھ سان ٻُڌندا ته اِنۡ شَآءَاللّٰه عَزَّوَجَلَّ توهان کي معلوم ٿيندو ته اللہ عَزَّوَجَلَّ جا حقيقي ۽ پسنديدہ ٻانها ڪير آهن. جيئن ته

   حضرت سيدُنا محمد بن احمد مُفيد رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا، مون حضرت سيدُنا جنيد بغدادي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي فرمائيندي ٻُڌو، مون حضرت سيدُنا سِري سَقۡطي
 رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي خدمت ۾ سُتل هئس ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جن مون کي بيدار ڪيو ۽ فرمائڻ لڳا: اي جنيد! مون ڏٺو ته ڄڻ آئون اللہ عَزَّوَجَلَّ جي آڏو حاضر آهيان ۽ مون کي ارشاد فرمايو ويو: ”اي سَري! مون مخلوق پيدا ڪئي ته سڀني