Book Name:Allah عزوجل ki Muhabbat kaisay Hasil ho?

مصيبت تي صبر، مَحَبَّتِ الٰهي جو ذريعو

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اهڙي طرح اللہ عَزَّوَجَلَّ سان مَحَبَّت جو هڪ طريقو هي به آهي ته ان جي طرف کان اچڻ وارين مُشڪلن ۽ مَصيبتن تي شڪوي ۽ شڪايات ڪرڻ جي بجائي، هر صُورت ۾ صَبر ڪيو وڃي، ڇو جو صبر ڪرڻ وارن کي اللہ عَزَّوَجَلَّ پسند فرمائي ٿو۔ جيئن ته سيپاري ، 4 سُورهء اٰلِ عمران جي آيت  نمبر 146 ۾ ارشاد ٿئي ٿو:

وَ اللّٰہُ  یُحِبُّ الصّٰبِرِیۡنَ ﴿۱۴۶﴾

 

تَرۡجَمو ڪنز الايمان: ۽ صبر وارا اللہ کي پيارا آهن.

      تنهنڪري، جيڪڏهن اسان به صبر جي عادت بڻائينداسين، ته اِنۡ شَآءَاللّٰه عَزَّوَجَلَّ ان جي برڪت سان رَبّ تَعاليٰ جي سچي مَحَبَّت اسان جي دل ۾ پيدا ٿيندي۔

          حضرتِ سَيدُنا انس رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان روايت آهي ته حضورِ پاڪ، صاحبِ لَولاڪ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو ”بي شڪ گھڻو اَجۡر سخت آزمائش تي ئي آهي ۽ اللہ عَزَّوَجَلَّ جڏهن ڪنهن قوم سان مَحَبَّت ڪندو آهي ته انهن کي آزمائش ۾ مبُتلا ڪري ڇڏيندو آهي، ته جيڪو ان جي قَضا تي راضي رهي، ان جي لاءِ ان جي رِضا آهي ۽ جيڪو ناراض ٿئي ان جي لاءِ ناراضي آهي۔“ (ابن ماجہ، کتاب الفتن، باب الصبر علی البلاء ،رقم ۴۰۳۱ ،ج۴ ،ص ۳۷۴)

ہے صبر تو خزانۂ فِردوس بھائیو!

عاشق کے لب پہ شکوہ کبھی بھی نہ آسکے

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد