Book Name:Allah عزوجل ki Muhabbat kaisay Hasil ho?

وَسَلَّم جو پاڙو حاصل ڪرڻ جو شوق وڌائڻ جي لاءِ سٺو، مدني ماحول ۽ نيڪ ماڻهن جي صُحبت بيحد ضروري آهي، ڇو جو اڄ مُعاشري جي ناگُفته بِه حالات ۾ گُناہن جو زور دار سيلاب، جنهن کي ڏسو وَهائي وڃي رهيو آهي، ان صورتِ حال ۾ تبليغِ قُرآن وسُنَّت جي عالمگير غير سياسي تحريڪ، دعوتِ اسلامي جو مَدَني ماحول ڪنهن نعمتِ عُظمٰي کان گھٽ ناهي، تنهنڪري توهان به ان پياري مدني ماحول سان ہر وقت وابَسته رہو۔گڏوگڏ عاشقانِ رَسُول سان گڏ سُنَّتن جي تَربِيت جي مدني قافلن ۾ سفر کي پنهنجو معمول بڻائي وٺو، اِنۡ شَآءَاللّٰه عَزَّوَجَلَّ مَحبتِ الٰہي عَزَّوَجَلَّ ۽ سُنَّتِ رسول صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي دولت جو خزانو حاصل ٿيندو، اللہ عَزَّوَجَلَّ اسان کي بيان ڪيل مدني گُلن تي عمل ڪرڻ جي سَعادَت عطا فرمائي۔

  اٰمِين بِجَاهِ النّبيِّ الاَمِين  صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم 

بيان جو خلاصو

          مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اَلۡحَمۡدُلِلّٰه عَزَّوَجَلَّ اڄ جي بيان ۾ اسان اللہ عَزَّوَجَلَّ جي مَحَبَّت  حاصل ڪرڻ جي حوالي سان ڪجھ مدني گُل ٻُڌڻ جي سعادت حاصل ڪئي ته ڪهڙن ڪهڙن ذريعن سان اللہ عَزَّوَجَلَّ جي مَحَبَّت  حاصل ٿي سگھي ٿي۔

﴿1 پياري آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي اِطاعت، اللہ عَزَّوَجَلَّ جي مَحَبَّت حاصل ڪرڻ جو ذريعو آهي ﴿2 نوافل جي ڪثرت، اللہ عَزَّوَجَلَّ جي مَحَبَّت حاصل ڪرڻ جو ذريعو آهي ﴿3 مصيبت تي صبر، اللہ عَزَّوَجَلَّ جي مَحَبَّت حاصل ڪرڻ جو ذريعو آهي ﴿4 دِل مان دُنيا جي مَحَبَّت کي ڪڍي ڇڏڻ، اللہ عَزَّوَجَلَّ جي مَحَبَّت حاصل ڪرڻ جو ذريعو آهي ﴿5 تِلاوتِ قرآن، اللہ عَزَّوَجَلَّ