Book Name:Allah عزوجل ki Muhabbat kaisay Hasil ho?

        مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! مَحَبَّتِ الٰہي حاصل ڪرڻ جو هڪ ذريعو هي به آهي ته اسان نماز جي پابندي ڪريون، ماھـهِ رمضان جا پورا روزا رکون، زڪوٰة کي وَقۡت تي اَدا ڪريون گڏوگڏ فرائض ۽ واجبات جي اَدائيگي سان نَوافل جو اہتمام ڪرڻ به بہترين عمل آهي۔

          نوافل پڙھڻ وارو به اللہ عَزَّوَجَلَّ جو محبوب ۽ پسنديدہ ٻانهو بڻجي ويندو آهي۔ جيئن ته

نوافل جي ڪثرت ،مَحَبَّتِ الٰهي جو ذريعو

     حضرت سيدُنا ابُوہُريرہ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان مَروي آهي ته ٻنهي جہانن جي تاجۡوَر، سلطانِ بَحروبَر صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو ته اللہ عَزَّوَجَلَّ ارشاد فرمائي ٿو: ”جنهن، ڪنهن ولي کي اَذِيت ڏني، آئون ان سان اعلانِ جنگ ڪريان ٿو ۽ ٻانهو منهنجو قُرب سڀ کان وڌيڪ فرائض جي ذريعي حاصل ڪندو آهي ۽ نَوافل جي ذريعي مُسلسل قرب حاصل ڪندو رہندو آهي، ايستائين جو آئون ان سان مَحَبَّت ڪرڻ لڳندو آہيان۔ جڏهن آئون ٻانهي کي محبوب بڻائي وٺندو آہيان، ته آئون ان جا ڪن بڻجي ويندو آہيان، جنهن سان اهو  ٻڌندو آهي۔ ان جي اَک بڻجي ويندو آهيان ،جنهن سان اهو ڏسندو آهي۔ ان جا ہٿ بڻجي ويندو آهيان، جنهن سان اهو پڪڙيندو آهي ۽ ان جا پير بڻجي ويندو آهيان، جنهن سان اهو هلندو آهي۔ پوءِ اهو مون کان سُوال ڪري، ته آئون ان کي عطا ڪندو آهيان، منهنجي پناھ چاهي، ته آئون ان کي پناھ ڏيندو آہيان۔ (بخاری، کتاب الرقاق، باب التواضع، ۴/۲۴۸،حدیث:۶۵۰۲)

          مُفَسّرِ شہير حڪيمُ الاُمَّت حضرت ِ مفتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه اِن حديثِ پاڪ جي تحت فرمائن ٿا: ان عبارت جو هي مطلب ناهي ته خدا تَعاليٰ،