Book Name:Allah عزوجل ki Muhabbat kaisay Hasil ho?

تلاوتِ قرآن جو شوق ڪيئن مليو؟

          مرڪزُ الاولياء (لاہور) جي علائقي شاد باغ، حاجي پارڪ جي مقيم اسلامي ڀاءَ پنهنجي زندگي ۾ اچڻ واري مدني اِنۡقلاب جي باري ۾ ڪجھ هن طرح بيان ڪن ٿا، آئون گُناہن جي تپندڙ صحراءَ ۾ ڀٽڪي رہيو هئس۔ فلمون ڊراما ڏسڻ، گانا باجا ٻُڌڻ، رستي ۾ هلندڙ ڇوڪرين کي بُري نظرن سان ڏسڻ، انهن کي تنگ ڪرڻ ۽ مَعَاذَاللّٰه عَزَّوَجَلَّ ڏاڙھي ڪوڙائڻ، منهنجي بُري عادتن ۾ شامل هو۔ قرآن ۽ سُنَّت جي اَحڪامات تي عمل کان پَري، دُنيا جي رنگينين ۾ مَسۡرور پنهنجي زِندگي جي قيمتي ڏيهاڙا بي عملي ۽ جہالت جي ويران اونڌاهي ۾ برباد ڪري رہيو هئس۔ آئون وڏو خُوش هئس ته خُوب مزي جي زندگي گذري رہي آهي۔ پر آھ! مون کي معلوم نه هو ته هي عيش عشرت منهنجي آخرت برباد ڪري رہي آهي۔ اچانڪ والد صاحب جو سهارو کڄي ويو، جنهن مون کي خوابِ غفلت کان بيدار ڪري ڇڏيو۔ دل ڪجھ نيڪي جي طرف مائل ٿيو، مون نمازِ باجماعت اَدا ڪرڻ شُروع ڪري ڇڏي۔ هڪ ڏينهن نماز پڙهڻ مسجد ۾ ويس، ته اُتي منهنجي مُلاقات سبز سبز عمامي شريف جو تاج سجائي، هڪ باريش اسلامي ڀاءُ سان ٿي وئي، ان جو اندازِ مُلاقات ايتري قدر پيارو هو جو آئون متُاثر ٿيڻ جي بغير نه رہي سگھيس۔ اُنہن سلام ۽ مُصافَحي کان پوءِ اِنۡفرادي ڪوشش ڪندي وڏي اَحۡسن انداز ۾ تلاوتِ قرآنِ پاڪ جو ذوق ۽ شوق ڏياريو، مدرسةُ المدينه (بالغان) ۾ شرڪت جي دعوت ڏني۔ اِصۡلاحِ اُمَّت جي جذبي سان سرشار، عاشقِ رسول اسلامي ڀاءَ جي مٺي اَنداز کي ڏسي ڪري مان انڪار نه ڪري سگھيس ۽ مسجد ۾ عشاء جي نماز کان پوءِ قائم ٿيڻ واري مدرسةُ المدينه (بالغان) ۾ شرڪت ڪرڻ لڳس۔ پہرين ڏينهن مبلّغِ دعوت ِاسلامي جن قرآنِ