Book Name:Shan e Sahaba

ٿي ويون آهن، انهن مسجدن کي ٻيهر آباد ڪرڻ جو عزم ڪرڻ ۽ انهيءَ ارادي جي تڪميل جي لاءِ مسلسل ڪوشش ڪرڻ يقينًا سَعادَت جي ڳالھ آهي۔ تنهنڪري ڪوشش ڪريو! ۽ مَسجدن جي آبادڪاري جي لاءِ روزانو صَداءِ مدينه لڳائڻ جو معمول بڻائي وٺو۔

اَمِيرُالمؤمنين حَضرتِ سيّدُنا عُمرِ فارُوقِ اَعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو اهو معمول هو ته پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ ماڻهن کي نماز جي لاءِ جاڳائيندا هئا، جڏهن نمازِ فجر جي لاءِ تشريف کڻي ايندا هئا ته رستي ۾ ماڻهن کي جاڳائيندا ايندا هئا، گڏوگڏ اذانِ فجر جي فورًا بعد مسجد ۾ ڪو سُتل هوندو هو ته ان کي به جاڳائيندا هئا. (طبقات کبریٰ، ذکر استخلاف عمر، ۳/۲۶۳) ياد رکو! جيڪڏهن اسان جي اِنفِرادي ڪوشش سان هڪ اسلامي ڀاءُ به نمازي بڻجي ويو ته ان کي ته نيڪ عَملن جو ثواب ملندو پر گڏوگڏ اسان به ان ثواب سان مالامال ٿينداسين۔ ڇو جو ”نيڪي جي طرف رَہنُمائي ڪرڻ وارو به نيڪي ڪرڻ واري جيان آهي۔“ (جامع ترمذی ،کتاب العلم ، باب ماجاء الدال علی الخیر الخ ،ج۴، ص۳۰۵، رقم :۲۶۷۹)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ڪامل مسلمان بڻجڻ جي لاءِ، غيبت ڪرڻ، ٻُڌڻ جي عادت ڪڍڻ جي لاءِ، نمازن ۽ سُنَّتن جي عادت وجھڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول سان ہر دَم وابَسته رهو، اَلْحَمْدُلِلّٰه عَزَّوَجَلَّ معاشري جا ڪيترائي بگڙيل ماڻهو دعوتِ اسلاميءَ جي مدني قافلي ۾ سفر جي برڪت سان اَلْحَمْدُلِلّٰه عَزَّوَجَلَّ سڌي رستي تي اچي چُڪا آهن، انهيءَ متعلق هڪ مَدَني بهار پيشِ خدمت آهي: جيئن ته مَٿرا (هند) جي هڪ اسلامي ڀاءُ جو ڪجهه هيئن بيان آهي ته ”مان هڪ ماڊرن نوجوان هئس، فلمون ڊراما ڏسڻ منهنجو مشغلو هو، مڪتبةالمدينہ کان جاري ٿيل بيان جي ڪيسيٽ