Book Name:Farooq e Azam ka Ishq e Rasool

فارُوقِ اَعظَم ۽ سرڪار جي دل جُوئي!

حضرت سَيِّدُنا عُمر فارُوقِ اَعۡظَم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ اِرشاد فرمائن ٿا: هڪ ڀيري رَسُولِ اَڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم غمگين (واري) حالت ۾ پنهنجي مہمان خاني(گهر) ۾ تشريف فرما هئا۔ آءُ حُضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي غُلام وٽ آيس ۽ چيو ته ’’رَسُولُ اللہ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کان منهنجي داخل ٿيڻ جي اِجازَت طلب ڪريو۔‘‘ ان غلام واپس اچي چيو: ’’مون رَسُولُ اللہ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي بارگاھ ۾ توهان جو ذِڪر ته ڪيو آهي پر حُضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ڪو جواب ارشاد نه فرمايو۔‘‘ ٿوري دير کان پوءِ مون ٻيهر چيو ته ’’نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کان منهنجي حاضري جي اِجازَت طلب ڪريو،‘‘ غلام ويو۽ ان واپس اچي ڪري چيو:’’مون رَسُولُ اللہصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان توهان جو ذِڪر ڪيو پر پاڻ ڪو جواب نه ڏنو‘‘ آئون بغير ڪجھ چئي واپس موٽڻ لڳس ته غُلام آواز ڏنو ته’’توهان اَندر اچو! اِجازَت ملي وئي آهي۔‘‘ آئون اَندر ويس، سرڪار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي سلام عرض ڪيو. سرڪار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هڪ تڏي تي ٽيڪ لڳائي تشريف فرما هئا، جنهن جا نِشان سندن جي بدن جي پاسي واري حصي تي واضِح نظر اچي رهيا هئا، پوءِ مان بيٺي بيٺي رَسُولُ اللہ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي دِل جُوئي جي لاءِ عرض گُذار ٿيس: اَسْتَاْنِسُ يَا رَسُوْلَ اللہ يعني يارَسُولَ اللہ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ! آئون توهان سان ڳالهيون ڪري توهان کي مانُوس ڪرڻ چاهيان ٿو۔ اسان قُريش جڏهن مَڪهء مُڪرَّمَه ۾ هئاسين ته پنهنجي عورتن تي غالب هئاسين ۽ هتي مَدِينَهء مُنَوَّرَہ ۾ اچي ڪري اسان جو اهڙي قوم سان واسطو پيو، جن تي عورتون غالب آهن۔‘‘هي ٻُڌي ڪري حُضُور نبي پاڪ، صاحبِ لولاڪ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مُسڪرايو۔ مون عرض ڪيو:’’يارَسُولَ اللہ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم!