Book Name:Farooq e Azam ka Ishq e Rasool

اِنْ شَآءَاللّٰه عَزَّوَجَلَّ

·                اللہ عَزَّوَجَلَّ اسان کي سچو عاشقِ رسول بڻائي گڏوگڏ عشقِ رسول جي تَقاضن کي پُورو ڪندي، خُوب خُوب سُنتون ڦيلائڻ جي توفيق عطا فرمائي۔

اٰمِين بِجَاهِ النّبيِّ الاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!    صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مجلس خُصُوصي اسلامي ڀائر

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول ۾ نيڪي جي دعوت ۽ سُنتن جي خِدْمَت جي مُقَدَّس جَذبي جي تحت مُتَعَدَّدْ شعبن جو قِيام عمل ۾ آندو ويو آهي، اِنهي مان هڪ شعبو مجلس ’’خُصُوصي اسلامي ڀائر‘‘ به آهي۔ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول ۾ گونگن ٻوڙن ۽ نابينا اسلامي ڀائرن کي خُصوصي اسلامي ڀائر چيو ويندو آهي۔ اَلْحَمْدُلِلّٰه عَزَّوَجَلَّ هي مجلس، خصوصي اسلامي ڀائرن ۾ نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ ۽ انهن کي مُعاشري جو باڪردار فرد بنائڻ ۾ مصروفِ عمل آهي، ان سان گڏوگڏ مجلس خُصُوصي اسلامي ڀائر فَرض عُلُوم تي مُشْتَمِل ڪتابون شائع ڪرڻ جو عزمِ مُصَمّم (پڪو ارادو) رکي ٿي بلڪه گونگن ٻوڙن ۽ نابينا اسلامي ڀائرن کي عِلْمِ دين سکڻ سان گڏوگڏ عَصْري عُلُوم سان رُوشَناس (واقفيت) ڪرائڻ جي لاءِ گھڻو ڪجھ ڪرڻ جو اِرادو رکي ٿي۔ ان طرح نابينا اسلامي ڀائرن جي لاءِ به عنقريب مدرسة المدينه جي ترڪيب ڪئي ويندي.

اِنْ شَآءَاللّٰه عَزَّوَجَلَّ