Book Name:Farooq e Azam ka Ishq e Rasool

آئون حَفصَه رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهَا وٽ ويو هئس ۽ ان کي چيم: پاڻ سان گڏ واري (يعني حضرت سَيِّدَتُنا عائشہ صِدّيقه رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهَا) تي ڪڏهن رَشڪ (رِيس) نه ڪجو ڇو جو اهي تو کان وڌيڪ حَسين ۽ شہنشاھِ مدينه، قَرارِقلب وسينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جون پسنديدہ زوجه آهن۔‘‘هي ٻُڌي ڪري سرڪارِنامدار، مديني جا تاجدار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ٻيهر مُسڪرايو۔

(بخاری، کتاب النکاح ،باب موعظۃ الرجل ابنتہ لحال زوجہا،ج۳،ص: ۴۶۰،حدیث:۵۱۹۱،ملتقطا)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ان واقعي مان اَندازو لڳايو ته سَيِّدُنا فارُوقِ اَعظَم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کي هي به گوارا نه هو ته سرڪار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڪنهن تڪليف يا غم ۾ مبُتلا ٿين، انهيءَ لاءِ پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ پياري آقا، حبيبِ ڪبريا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي مانُوس ڪرڻ چاهيو ۽ آخرڪار پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ پنهنجي ان اِرادي ۾ ڪامياب به ٿي ويا ۽ رَسُولُ اللہ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سندن ڳالھين تي مُسڪرايو۔ ٿورو غور ڪريو! هڪ طرف صحابهء ڪرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَان جو هي عالَم آهي ته اهي پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي غمزدہ ڏسي ڪري اُداس ٿي ويندا هئا ۽ حُضور جي دِل جُوئي جي لاءِ طرح طرح جون ڪوششون ڪندا هئا ۽ هڪ اسان آهيون جو ڏينهن رات گُناہن ۾ گذاري نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ذاتِ بابرڪت کي اَذِيت پہچائيندا آهيون پر اسان کي ان جو ٿورو به اِحساس ناهي ٿيندو. ياد رکو! ان ڳالھ ۾ شڪ ناهي ته اڄ به پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي اُمّتين جي تمام اَحوالن کي مُلاحَظه فرمائي رهيا آهن۔ جيئن ته رَسُولُ اللہ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمائن ٿا: منهنجي زِندگي توهان جي لاءِ بہتر آهي، توهان مون سان ڳالهيون ڪندا آہيو ۽ آئون توهان سان، ۽ منهنجي وَفات به توهان جي لاءِ بہتر، توهان جا