Book Name:Farooq e Azam ka Ishq e Rasool

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!    صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

بيان جو خُلاصو

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اَلْحَمْدُلِلّٰه عَزَّوَجَلَّ اڄ جي بيان ۾ اسان سَيِّدُنا فارُوقِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي عشقِ رسول صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي حوالي سان پيارا پيارا واقعا ۽ ان مان حاصل ٿيندڙ مدني گُل به چونڊڻ جي سعادت حاصل ڪئي۔

·        اللہ عَزَّوَجَلَّ جي عطا سان انهي عِشقِ ڪامل جي طُفيل سَيِّدُنا فارُوقِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کي دُنيا ۾ اِخْتيار ۽ اِقْتدار ۽ آخرت ۾ عِزَّت ۽ وَقارمليو۔

·        سَيِّدُنا فارُوقِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جن عشقِ رسول جي اَعْلٰي ۽ بهترين مثال قائم ڪري قيامت تائين اچڻ وارن مُسلمانن کي ٻنهي جهانن جي آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان عشق رکڻ جو سليقو سيکاريو۔

·        اڄ جي ان پُرفِتَن دَور ۾ ضرورت ان ڳالھ جي آهي ته اسان اهڙي مدني ماحول سان وابسته ٿي وڃون، جتي عاشقانِ مُصطفٰي جو تَذڪرو ٿيندو هجي، سندن عِشْقِ رسول جا واقعا ٻُڌايا وڃن، ان جي برڪت سان اسان جي دل ۾ به عشقِ مُصطفٰي جو ڏيئو روشن ٿيندو ۽ عمل جو جذبو وڌندو۔

·        اَلْحَمْدُلِلّٰه عَزَّوَجَلَّ اهڙو ئي مدني ماحول دعوتِ اسلامي پيش ڪري رہي آهي، تنهنڪري اسان سڀ به ان مدني ماحول سان وابسته ٿي وڃون، ہفتيوار سُنتن ڀري اجتماع ۽ ہفتيوار اجتماعي طور تي ٿيڻ واري مدني مذاڪري ۾ اوّل تا آخر شرڪت، مدني قافلن ۾ سفر ۽ مدني اِنْعامات تي عمل جي ڪوشش جاري رکون، اسان جي زندگي ۾ مدني اِنْقلاب برپا ٿي ويندو اسان به سُنتن جا پابند ۽ نيڪ مُسلمان بڻجي وينداسين۔