Book Name:Farooq e Azam ka Ishq e Rasool

اعمال منهنجي آڏو پيش ڪيا ويندا، جڏهن آئون ڪا ڀلائي ڏسندس ته حمدِ اِلٰہي بجا آڻيندس ۽ جڏهن بُرائيون ڏسندس توهان جي بخشش جي دُعا ڪندس۔ (البحرالزخار المعروف بمسند البزار ،حدیث: ۱۹۲۵ مکتبہ العلوم والحکم۵ /۳۰۸ و۳۰۹)

حڪيمُ الاُمَّت، مُفْتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: نبي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي ہر اُمّتي ۽ ان جي ہر عمل کان خبردار آهن۔ حُضُورِ اَنور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي نگاھ اونداھي، روشني، ڍڪيل، ظاهر، مَوجُود ۽ مَعدُوم (غير موجود) ہر شيء کي ڏسي وٺندي آهي۔ جنهن جي اَک ۾ مَازَاغ جو سُرمو ہجي، ان جي نگاھ اسان جي خواب ۽ خَيال کان وڌيڪ تيز آهي، اسان خواب ۽ خيال ۾ ہر شيء کي ڏسي وٺندا آهيون، حُضُور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم نگاھ سان ہر شيء جو مُشاہَدو فرمائي وٺندا آهن۔ صُوفياء فرمائن ٿا ته هتي عملن ۾ دل جا عملَ به داخل آهن، تنهنڪري حُضُور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اسان جي دِلين جي ہرڪيفيت کان خبردارآهن۔ (مراٰۃ ،ج ۱،ص:۴۳۹)

تم ہو شہید و بصیر اور میں گنہ پر دلیر
کھول دو چشمِ حیاء تم پہ
کروروں دُرود

شعر جي وضاحت: اي منهنجا پيارا نبي (صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) توهان کي اللہ تعاليٰ ڪائنات جي ذرّي ذرّي تي گواھ بڻائي ڪري موڪليو ۽ جهان جو ڪو حصو توهان کان پوشيدہ نه رہيو ،توهان سڀ ڪجھ ڏسي رهيا آهيو ۽ هي به ڏسي رهيا آهيو ته آئون گناہن تي ڪيتري قدر بهادر ۽ دلير آهيان، منهنجي شرم ۽ حياء جي اَک کولي ڇڏيو ته جيئن گناھ ڪندي