Book Name:Farooq e Azam ka Ishq e Rasool

شريف ۽ سُنّتن ڀري سادي لباس ۾ مَلبُوس رہو، کائڻ پيئڻ ۽ روز مَرَّہ جي معمولات ۾ سُنّتن جو دامن پڪڙي رکو، پنهنجي ۽ سڄي دُنيا جي ماڻهن جي اِصلاح جي لاءِ اِنفرادي ڪوشش جاري رکو، اِنْ شَآءَاللّٰه عَزَّوَجَلَّ ڏيئي مان ڏيئو روشن ٿيندو ويندو، حق بلند ٿيندو، شيطان جو مُنهن ڪارو ٿيندو، ہر طرف سُنّتن جي روشني ٿيندي، دُنيا جي دولت جو ہر عاشِق، مٺي مُصطفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو عاشق ٿيندو۔ اِنْ شَآءَاللّٰه عَزَّوَجَلَّ گھر گھر نُورِحبيب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان روشن ٿيندو ۔

شَہا ایسا جَذبہ پاؤں کہ میں خُوب سیکھ جاؤں

 

تیری سُنَّتیں سکھانا مدنی مدینے والے

تیری سُنَّتوں پہ چل کر میری رُوح جب نکل کر

 

چلے تم گلے لگانا مدنی مدینے والے

(وسائلِ بخشش،ص428)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! مَحَبَّت جو تَقاضو هي ناهي ته جنهن سان مَحَبَّت ڪئي وڃي ته فقط ان جي ذات ۾ فنا ٿي پنهنجي مَحَبَّت کي مَحدُود رکيو وڃي بلڪه مُحِب ته پنهنجي محبوب سان مَنْسُوب (نسبت رکندڙ) ہر شي سان پيار ڪندو آهي، ان جي اَہْل و عِيال، مِٽ مائٽن ۽ دوست رشتيدارن سان به مَحَبَّت ڪندو آهي۔ جيئن ته

حسنينِ ڪريمين کي پنهنجي اَولاد تي ترجيح ڏني

حضرت سَيِّدُنا عبدُاللہ بن عبان رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان روايت آهي ته جڏهن خِلافتِ فارُوقي ۾ اللہ تَعاليٰ صحابهء ڪرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَان جي هٿ تي مَدائن