Book Name:Farooq e Azam ka Ishq e Rasool

خُوشبو وارا ۽ حَسب جي اِعتبار کان سڀ کان وڌيڪ مُڪرَّم هئا، اَوَّلين ۽ آخرين ۾ سرڪار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مِثل ڪوبه ناهي۔‘‘

(جمع الجوامع ،ج۱۰ص۱۶،حديث۳۳)

ہے کلامِ اِلٰہی میں شَمْس و ضُحٰے ترے چہرۂ نور فَزا کی قسم
قسمِ شبِ تار میں راز یہ تھا کہ حبیب کی زُلفِ دوتا کی قسم
تِرے خُلْق کو حَق نے عظیم کہا تِری خِلْق کو حق نے جمیل کیا
کوئی تجھ سا ہوا ہے نہ ہوگا شہا ترے خالِقِ حُسن واَدا کی قسم

فارُوقِ اعظم جو عقيدھء مَحَبَّت

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! نبي ڪريم، محبوبِ ربِّ عظيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اسان جا آقا ۽ مولٰي آهن، اسان سڀ حُضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا اَدنٰي غُلام آهيون ۽ غُلام چاهي ڪيتري ئي اَعلٰي مرتبي تي پہچي ڇو نه وڃي پر پنهنجي آقا جي مَحَبَّت ۽ ان جي عقيدت هميشه سندس دل ۾ قائم رہندي آهي، اهو ان جي اِحسانن کي ڪڏهن به فراموش نه ڪندو آهي، ہر هڪ جي سامهون وڏي فَخرِيه اَنداز ۾ پنهنجي آقا جي تعريف ڪندو آهي ۽ ان جي غُلام ہئڻ ۾ خُوشي محسوس ڪندو آهي۔ حضرت سَيِّدُنا فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ به هڪ سچا عاشقِ رسول، قطعي جنَّتي ۽ صحابهء ڪرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَان ۾ اَعلٰي مرتبي تي فائز صَحابيء رَسُول آهن۔ پاڻ به مَحَبَّتِ رَسُول کان سَرشار ٿي ڪري خُود حُضُور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي خادِم ۽ غُلام ہئڻ تي فخر محسوس ڪندا هئا۔