Book Name:Farooq e Azam ka Ishq e Rasool

اللہ کرم ایسا کرے تجھ پہ جہاں میں

 

اے دعوتِ اسلامی تیری دھوم مچی ہو

ٻارنهن مدني ڪم ڪريو!

اَلْحَمْدُلِلّٰه عَزَّوَجَلَّ! مَدَني قافلن ۾ سَفر جي بَرَڪت سان بي شُمار ماڻهو پنهنجي سابِقَه طَرۡزِ زِندَگي تي نادِم ٿي ڪري گُناهن ڀري زِنْدگي کان تائِب ٿي ويا، سُنتن ڀري زِنْدگي گذارڻ لڳا ۽ ذيلي حلقي جي ٻارنهن 12 مدني ڪمن ۾ اڳتي وڌي ڪري حِصّو وٺڻ وارا بڻجي ويا۔ ذيلي حلقي جي ٻارنهن 12 مدني ڪمن مان ہفتيوار هڪ مدني ڪم ہفتيوارسُنتن ڀري اجتماع ۾ اَوّل تا آخر شرڪت به آهي۔ اَلْحَمْدُلِلّٰه عَزَّوَجَلَّ دعوتِ اسلامي جي تحت ٿيڻ وارو هفتيوار سُنتن ڀريو اجتماع تلاوتِ قرآن، نعتِ رَحْمتِ عَالميان صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم، سُنتن ڀريو بيان، رِقَّت اَنگيز دُعا، ذِڪر ۽ دُرُود جي مدني گُلن ۽ عِلْمِ دين جي گُلدستن سان سَينگاريل ہوندو آهي۔

اَلْحَمْدُلِلّٰه عَزَّوَجَلَّ! هي هفتيوارسُنتن ڀريو اجتماع حُصُولِ علم ِدين جو هڪ بہترين ذَرِيعو آهي، تنهنڪري وقت جي پابندي سان گڏ شِرڪت فرمائي ڪري خُوب خُوب سُنتن جي بہارون حاصل ڪريو ۽ سُنتن جي تَربِيت جي مدني قافلن ۾ سفرا ِخْتيار فرمائي ڪري پنهنجي آخرت جي لاءِ نيڪين جو ذَخيرو جمع ڪريو۔ اچو ته! ترغيب جي لاءِ هڪ مدني بہار ٻُڌون ٿا۔

مَدَني ماحول جي تربيت

ضلع مُظَفَّرآباد (ڪشمير) جي مُقيم اسلامي ڀاءَ دعوتِ اسلامي جي مُشڪبار مدني ماحول جي برڪتن جو تَذڪرو ڪجھ هن نموني ڪن ٿا: