Share this link via
Personality Websites!
|
شہادت اے خدا عطاؔر کو دیدے مدینے میں (وسائلِ بخشش،ص527) |
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! جيڪڏهن ڪو ڪنهن سان مَحَبَّت جي دَعويٰ ڪندو آهي ته ان جهڙو بنجڻ، ان جي اَدائن کي اپنائڻ ۽ ان جي پيروي ۾ ئي پوري زِندگي گذارڻ جي ڪوشش ڪندو آهي۔ اَميرُالمُؤمنين حضرت سَيِّدُنا عُمر فارُوقِ اَعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو عشقِ رسول جو اَندازو ان ڳالھ مان به لڳائي سگھجي ٿو ته پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ ہر مُعامَلي ۾ ٻنهي جهانن جي آقا، مڪي مَدَني مُصطفيٰ، حبيبِ ڪبريا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي پيروي ڪندا هئا۔ جيئن:
حضرت سَيِّدُنا عبدُ اللہ بن عُمر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان روايت آهي ته اَمِيرُ الْمُؤمنين حضرت سَيِّدُنا عُمر فارُوقِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ نئين قميص پاتي ته ڇُري گھُرائي ۽ فرمايو:’’اي پُٽ! ان جي ڊگھي ٻانهن کي مُنڍ کان پڪڙي ڪري ڇِڪيو ۽ جيستائين منهنجي آڱريون آهن، ان جي اڳيان کان ڪپڙو ڪَٽي ڇڏيو۔‘‘ سَيِّدُنا عبدُ اللہ بن عُمر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمائن ٿا ته مون ان کي ڪَٽيو ته اهي بلڪل سڌيون نه بلڪه هيٺ مٿي ڪٽجي ويون۔ مون عرض ڪيو: ’’بابا! جيڪڏهن انهن کي قئنچي سان ڪٽيو وڃي ها ته بہتر ٿئي ها؟‘‘پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمايو: ’’پُٽ! انهن کي ايئن ئي رہڻ ڏيو ڇو جو مون شَفِيعُ المُذنِبِين،
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami