Book Name:Ham Dartay Kiun Nahi?

۽ ان جي پياري رسولِ عظيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي نافرماني ۽ نيڪ اعمال کان پري رهي گذاري هوندي، اهڙا ماڻهو قيامت جي ڏينهن الله پاڪ جي رحمت کان محروم هوندا، گناهن جي ڪري انهن جا چهرا ڪارا ٿي ويندا، اهي ماڻهو قيامت جي ڏينهن هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙندا هوندا پر انهن جو ڪو حامي ۽ مددگار نه هوندو، جيئن ان ڪيفيت کي سيپاري 30سُورَه عبس آيت نمبر33 کان 37 ۾ ائين بيان ڪيو ويو آهي:

فَاِذَا جَآءَتِ الصَّآخَّةُ٘(۳۳)یَوْمَ یَفِرُّ الْمَرْءُ مِنْ اَخِیْهِۙ(۳۴)وَ اُمِّهٖ وَ اَبِیْهِۙ(۳۵)وَ صَاحِبَتِهٖ وَ بَنِیْهِؕ(۳۶)لِكُلِّ امْرِئٍ مِّنْهُمْ یَوْمَىٕذٍ شَاْنٌ یُّغْنِیْهِؕ(۳۷) (پ30، عَبَسَ:33،37)

 ترجمو ڪنزالايمان: پوءِ جڏهن ايندي اها ڪن ڦاڙي رکندڙ  راڙ ان ڏينهن ماڻهو ڀڄندو پنهنجي ڀاءُ ۽ ماءُ ۽ پيءُ ۽ زال ۽ پُٽن کان انهن مان هر هڪ کي ان ڏينهن هڪ فڪر آهي جو اهوئي کيس ڪافي آهي .

      ايستائين جو انهن مجرمن کي گھيلي جهنم ۾ وڌو ويندو سيپاري 16 سور ه مريم آيت نمبر 86 ۾ ارشاد آهي:

وَّ نَسُوْقُ الْمُجْرِمِیْنَ اِلٰى جَهَنَّمَ وِرْدًاۘ(۸۶)

ترجمو ڪنز الايمان: ۽ ڏوهارين کي جَهَنم جي طرف هڪلِينداسِين اُڃايل .

      اهڙن گنهگارن کي جهنم(Hell) ۾ درد ناڪ عذاب ڏنو ويندو جيئن سيپارو 11 سوره يونس آيت نمبر 27 ۾ ارشاد آهي:

وَ الَّذِیْنَ كَسَبُوا السَّیِّاٰتِ جَزَآءُ سَیِّئَةٍۭ بِمِثْلِهَاۙ-وَ تَرْهَقُهُمْ ذِلَّةٌؕ-مَا لَهُمْ مِّنَ اللّٰهِ مِنْ عَاصِمٍۚ-كَاَنَّمَاۤ اُغْشِیَتْ وُجُوْهُهُمْ قِطَعًا مِّنَ الَّیْلِ مُظْلِمًاؕ-اُولٰٓىٕكَ اَصْحٰبُ النَّارِۚ-هُمْ فِیْهَا خٰلِدُوْنَ(۲۷)
ترجمو ڪنز الايمان: ۽ جن بُرا ڪم ڪيا ته بُرائئَ جو بدلو اُنهئَ جهڙو آهي ۽ اُنهن تي ذلت چڙهندِي اُنهن کي الله کان بچائڻ وارو ڪير نه هُوندو، ڄڻ ته سندن مُنهن تي اُونداهِي رات جا ٽُڪرا چاڙهيا ويا هُجن اُهي دوزخِي آهن اُهي اُن ۾ هميشه رهندا.