Book Name:Ham Dartay Kiun Nahi?

99 هجري ۾ عراق جي شهر ڪوفه ۾ پيدا ٿيا، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْه  حديث جي علم ۾ مهارت رکندا هُئا،وڏا وڏا عالم سندن شاگرد هُئا ۽ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْه  سڄي عمر دين جي خدمت ڪئي ۽ 161 هجري ۾ عراق جي شهر بصره ۾ وفات ماڻي، سندن رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْه  جي باري ۾ منقول آهي ته سندن چيلھ جواني ئي ۾ چٻي ٿي وئي هئي ماڻهن ڪيئي ڀيرا ان جو سبب ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي، پر پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْه ڪو جواب نه ڏنو، سندن جو هڪ شاگرد (Student) ڪافي عرصي تائين ڪنهن موقعي جي تلاش ۾ رهيو ته اوهان کان ان جو سبب دريافت ڪري سگھي، آخر هڪ ڏينهن ان موقعو ڏسي سندن کان ان جي باري ۾ پڇي ئي ورتو، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْه پهريان ته ڪو جواب نه ڏنو پر پوءِ ان جي زور ڀرڻ تي فرمايائون، منهنجو هڪ استاد جن جو شمار وڏن عالمن ۾ ٿيندو هو ۽ مون ان کان ڪيئي علوم وفنون سکيا هئا، جڏهن ان جي وفات جو وقت ويجھو آيو ته مون کي فرمائڻ لڳا، اي سفيان! ڇا توکي خبر آهي ته مون سان ڪهڙو معاملو پيش آيو؟ مان پنجاھ سال تائين ربّ جي مخلوق کي ربِ ڪريم جي اطاعت ڪرڻ ۽ گناهن کان بچڻ جي تلقين ڪندو رهيس، پر افسوس! اڄ جڏهن منهنجي زندگي جو ڏيئو وسامڻ جي ويجھو آهي جيڪڏهن الله ڪريم مون کي پنهنجي بارگاھ مان هي فرمائي ڪري ڪڍي ڇڏيو  ته تون منهنجي بارگاھ ۾ اچڻ جي اهليت نٿو رکين، پنهنجي استاد جي اها ڳالھ ٻڌي خوف سبب منهنجي چيلھ ٽٽي پئي، جنهن جي ٽٽڻ جو آواز اتي موجود ماڻهن به ٻڌو ۽ مان پنهنجي رَبِّ ڪريم جي خوف مان لڙڪ وهائيندو رهيس ۽ نوبت ايستائين پهتي جو منهنجي پيشاب مان به رت اچڻ لڳو ۽ مان بيمار ٿي پيس، جڏهن بيماري شدت اختيار ڪري وئي ته مان هڪ غير مسلم حڪيم وٽ ويس، پهريان ته ان کي منهنجي بيماري جي خبر نه پئجي سگھي، پوءِ ان غور سان منهنجي چهري جو جائزو ورتو ۽ منهنجي نبض ڏٺي ۽ ڪجھ دير سوچڻ کان پوءِ چيائين، منهنجو خيال آهي ته هن وقت مسلمانن ۾ هن جھڙو نوجوان ڪٿي نه هوندو ڇوته هن جو جگر خوفِ الٰهي جي ڪري ڦاٽي پيو آهي۔(حڪايات الصالحين،ص ۴۵)