Book Name:Ham Dartay Kiun Nahi?

جيڪو قلعو عطا ڪيو آهي خدارا!ان کي غنيمت ڄاڻيو ۽ ان قلعي ۽ خيمي کان ٻاهر نڪرڻ ۽ پاڻ سان گڏ ڪلهو ڪلهي سان ملائي هلڻ جي دعوت ڏيڻ وارن بگهڙن کي ٻڪري بڻجي پنهنجو خيرخواه هرگز نه سمجهيو،اڄ عورت جي حقن جي ڳالهه ڪرڻ وارا حقيقت ۾ عورتن تائين پهچڻ جي آزادي گهري رهيا آهن، انهن کي عورتن جي حقن جي نه پر پنهنجي غليظ اڃ ختم ڪرڻ جي فڪر آهي اي ڪاش ڪو سمجهي!!!

   چادر ۽ چار ديواري جي ضرورت ۽ اهميت معلوم ڪرڻ جي لاءِ امير اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي پردي جي موضوع تي لکي ويندڙ انمول ۽ بهترين ڪتاب ”پردي جي باري ۾ سوال ۽ جواب“ ۽ مڪتبة المدينه جي ڪتاب ”فيضان سوره نور“ پاڻ به پڙهو ۽ خاص ڪري اسان جي گهر جي اسلامي ڀينرن کي ان جو مطالعو ڪرڻ جو ذهن ڏيو.

 افسوس اڄ اسان جي دفترن (Offices)، بينڪن (Banks) ۽ اسپتالن (Hospitals) بلڪه جتي وڃو خاص ڪري اِستِقبالِيه (Receptions) تي مَاڊرن ڇوڪرين (Modern Girls) کي ئي رکيو ويندو آهي ته جيئن ماڻهن جي توجه حاصل ڪري پنهنجي ڪاروبار (Business) کي تَرَقّي ڏني وڃي، بلڪ هاڻي ته مَعَاذَ الله عَزَّوَجَلَّ نوجوان عورتن سان هٿ ملائڻ (Handshake) تائين کي بُرو مَحسُوس ناهي ڪيو ويندو ۽ وڏي بي شرمي سان اهو چيو ويندو آهي ته ماڊرن دور آهي سڀ هلي ٿو۔ اهڙن ماڊرن ماڻهن کي جھنجھورڻ انهن کي غفلت جي ننڊ مان جاڳائڻ، فيشن جي نالي تي بيهودگي ۽ بي حيائي جي سيلاب مان ڪڍڻ ۽ دل ۾ خوف پيدا ڪرڻ جي لاءِ اچو! فيشن پرستي جي مذمت تي هڪ روايت ٻڌو، جيئن ته

ناجائز فيشن ڪرڻ وارن جو انجام

      حضورِاڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: (مِعراج جي رات) مون ڪجھ مَردن کي ڏٺو جن جو کلون باھ جي قَينچين کان ڪٽيون پئي ويون، مون پڇيو: هي ڪير آهن؟ جبرئيلِ امين (عَلَيْهِ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلام) ٻڌايو: هي ماڻهو ناجائز