Book Name:Ham Dartay Kiun Nahi?

غمگين ٿي پيو ۽ چوڻ لڳو اي منهنجا مالڪ! مون 20 سالن تائين تنهنجي عبادت ڪئي ۽ 20 سالن تائين تنهنجي نافرماني ڪئي، جيڪڏهن مان تو ڏانهن اچان ته ڇا منهنجي توبه قبول ٿيندي، ان اهو آواز ٻڌو، تو اسان کان مَحَبَّت ڪئي اسان تون کان مَحَبَّت ڪئي، پوءِ تو اسان کي ڇڏي ڏنو ۽ اسان به تو کي ڇڏي ڏنو تو اسان

جي نافرماني ڪئي ۽ اسان تو کي مهلت ڏني ۽ جيڪڏهن تُون توبه ڪري اسان ڏانهن ايندين ته اسان تنهنجي توبه قبول ڪنداسين۔ 

                                                                              (مڪاشفۃ القلوب ، الباب السابع عشر في بيان الامانۃ والتوبۃ ، ص ۶۲)

کر لے  توبہ رَبّ کی رحمت ہے بڑی                   قبر     میں   ورنہ   سزا     ہوگی  کڑی

مجلس مدني انعامات

          مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ دعوتِ اسلامي سڄي دُنيا ۾ مسلمانن کي گناهن کا بچائڻ ۽ نيڪين جي راھ تي آڻڻ جي لاءِ مصروف عمل آهي انهيءَ مدني ڪم کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ ڪم وبيش 104 شعبن (Departments) ۾ نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جي لاءِ ڪوشش ڪري رهي آهي، انهن شعبن مان هڪ شعبو ”مجلس مدني انعامات“ به آهي۔ هن مجلس جو بنيادي مقصد اسلامي ڀائرن، اسلامي ڀينرن، ۽ جامعاتُ المدينه و مَدارِسُ المدينه جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي باعمل بنائڻ ۽ انهن کي مدني انعامات تي عمل جي ترغيب ڏيارڻ آهي، شيخِ طريقت،اميرِ اهلسنَّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه فرمائن ٿا: ڪاش! ٻين فرضن ۽ سُنتن جي بجا آوَري سان گڏوگڏ تمام اسلامي ڀائر ۽ اسلامي ڀينرون هن مَدَني انعامات کي به پنهنجي زندگي جو دستورُ العَمَل بڻائي وٺن ۽ تمام ذمّه دارانِ دعوتِ اسلامي پنهنجي حَلقن علئقن،شهرن،ڳوٺن ۾ هن مَدَني انعامات کي عام ڪن ۽ هر مسلمان پنهنجي قَبر ۽ آخِرت جي بهتري جي لاءِ هن کي اِخلاص سان اپنائي الله عَزَّوَجَلَّ جي فضل ۽ ڪرم سان جَنّتُ الفردوس ۾ پنهنجي مَدَني حبيب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو پاڙيسري بڻجڻ جو عظيم ترين انعام ماڻي وٺي۔ اچو! اسان سڀ نيت ڪريون ته نه صرف اسان پاڻ مدني انعامات تي