Book Name:Ham Dartay Kiun Nahi?

گھريلو جھڳڙاختم ٿي ويا

بابُ المدينه (ڪراچي) جي هڪ اسلامي ڀيڻ جي گھر ۾ رنجشون وڌي ويون۔ روز روز جھيڙن جھٽن جو سلسلو رهندو هو جنهن جي ڪري گھر جو سُڪون برباد ٿي ويندو هو، هوءَ ان صورتِ حال سبب سخت پريشان هئي، گھر ۾ امن قائم ٿيڻ جي ڪا راھ نظر نه پئي آئي۔ انهيءَ دوران پير ۽ مُرشد امير اهلسنّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي توجُّه سان انهن کي شجرو عاليه پڙھڻ جو خيال آيو۔ بس پوءِ ڇا ٿيو! اُنهن شجره عاليه کي گھريلو رنجشون پري ڪرڻ جي نِيت سان پڙھڻ شروع ڪري ڇڏيو۔ شجره عاليه پڙھڻ جي برڪت سان ان جا گھريلو جھيڙا ختم ٿي ويا ۽ گھر امن جو گهوارو بڻجي ويو۔

مشکلیں حل کر شہِ مُشکل کُشا کےواسِطے                  کر بَلائیں رَد شہیدِ کربَلا کے واسِطے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

جنت جو دروازو کُلي ٿو يا دوزخ جو؟

 حضرت سَيدُنا سَرُوقُ الاجُوع تابعي رَضِى الله تَعَالٰى عَنْه ايتري ڊگھي نماز ادا ڪندا هئا جو سندن پير سُڄي پوندا هئا ۽ اهو ڏسي انهن جي گھر وارن کي انهن تي ترس ايندو هو ۽ اهي روئڻ لڳندا هئا۔ هڪ ڏينهن انهن جي والده چيائين: منهنجا پٽ! تون پنهنجي ڪمزور جسم جو خيال ڇو نٿو رکين؟ ان تي ايتري مشقت ڇو وجھين ٿو؟ تو کي ان تي ٿورو به رحم نٿو اچي؟ ڪجھ دير جي لاءِ آرام ڪندا ڪيو، ڇا الله تعاليٰ جهنم جي باھ صرف تنهنجي لاءِ پيدا ڪئي آهي جو تنهنجي علاوه ٻيو ڪو ان ۾ نه ويندو؟ انهن جواب ۾ عرض ڪيو، امڙ سائڻ! انسان کي هر حال ۾ مجاهدو ڪرڻ گھرجي ڇوته قيامت جي ڏينهن ٻه ئي ڳالهيون هونديون، يا ته مون کي بخشيو ويندو يا وري منهنجي پڪڙ ٿيندي، جيڪڏهن منهنجي مغفرت ٿي وئي ته اهو صرف الله تعالي جو فضل ۽ ان جي رحمت ٿيندي ۽ جيڪڏهن مان پڪڙيو وَيُس ته هي ان جو عدل هوندو، ته پوءِ هاڻي مان آرام نه ڪندس، ۽ پنهنجي نفس کي مارڻ جي پوري ڪوشش ڪندو رهندس۔ جڏهن انهن جي وفات (Death)